لاهور(م ڊ) پنجاب جي سُڌ سماءَ جي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته اسان آئينو ڏيکاريو ته خراب لڳو، صوبائيت ڪارڊ کيڏڻ توهان جي پُراڻي عادت آهي، سنڌ ۾ سمورا منصوبا وفاق جي مدد سان هلي رهيا آهن، سنڌ جي وزيرن جي ردعمل تي هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سالن کان اسڪولن ۾ جانور ٻڌل ۽ ٽرانسپورٽ نه هجڻ تي روئي رهيا آهن، جڏهن دل چوي پنهنجي حڪومت جي 16 سالن ۽ مريم نواز جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو، جيڪا پارٽي 16 سالن ۾ ڪراچي جو ڪچرو ناهي کڻي سگهي، اُها اسان کي ليڪچر نه ڏئي، توهان کي صفائي ۽ سٺا رستا ڏسڻ جو شوق هجي ته لاهور جو چڪر لازمي ڏي.