ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جهنگلي جيوت کاتي سال 2023.24 ع جي “سالياني آبي پکين جي سروي جاري ڪندي دعويٰ آهي ته سنڌ ۾57قسمن جا 649,122 پرڏيهي پکي مهمان ٿيا، انهي سروي جي ڪوريج 40 سيڪڙو علائقن تائين هئي. موجوده سيزن لاءِ پڻ سروي ٿي چڪي آهي، جاري ڪيل بيان موجب جهنگلي جيوت کاتي جي هڪ ٽيم جنوري ۽ فيبروري ۾ ڪينجهر، منڇر، حمل، هاليجي ڍنڍ، ڪڇ جو رڻ، نريڙي لگون سميت صوبي جي 30 پاڻين جي سروي ڪئي، سروي موجب،گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل پرديسي پکين جي روايتي رهائش ڪڇ جو رڻ جا ڌٻڻ وارا علائقا پاڻي جي کوٽ سبب سوڪهڙي جو شڪار نظر آيا. نريڙي لگون ۾ 155,068 ڪڇ جي رڻ ۾ 91,634 ۽ ننگر پارڪر جي راڻپور ڊيم ۾ 22,826 پکي پهتا.