اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ اقليتي برادري سان زيادتين جو معاملو سينيٽ ۾ پهچي ويو، سينيٽ ۾ سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ اقيلتي برادري کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هندو برادريءَ جي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، هندو واپارين کي ڦريو پيو وڃي. اُتان جي اقليتي برادري خوف ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت ان جو نوٽيس وٺي. سنڌ حڪومت اِن معاملي جو ازالو ڪري. گهرو زارت کي چئو ته اها ڏسي اقليتي برادري سان ائين ڇو ٿي رهيو آهي.