ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثر آبادگارن۽ هارين ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ ٻِج خريداري جي مد ۾ 5 هزار رپيا في ايڪڙ رقم ڏيڻ لاءِ سروي ڪندڙ ٽيمن وٽ پيٽرول ۽ ٻيو سفري خرچ نه هجڻ جو انڪشاف، لاڳاپيل اختيارين پاران سنڌ حڪومت کان سروي لاءِ 10 ڪروڙ 10 لک رپيا گھُري ورتا، بدين، گھوٽڪي، جيڪب آباد، ٺُل سميت مختلف ضلعن ۾ سروي لاءِ تپيدار نه اچڻ توڙي سروي ڪندڙ تپيدارن پاران فارم تي صحيح نه ڪرڻ جا الزام، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جو برسات متاثر آبادگارن ۽ هارين کي ڪڻڪ جي پوکي لاءِ ٻج جي خريداري واسطي 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏيڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سروي ۾ حصو وٺندڙ زراعت، روينيو سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي 4048 اسٽاف وٽ سفر لاءِ پيٽرول ۽ ٻئي مد ۾ ايندڙ خرچ لاءِ رقم ئي ناهي! لاڳاپيل اختيارين پاران سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سروي ٽيمن کي فوري طور تي 10 ڪروڙ 10 لک رپيا جاري ڪيا وڃن. رپورٽ ۾ روينيو عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳايا ويا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ سروي فارم ڀرڻ لاءِ ڏکيائي ٿئي پئي، ڇاڪاڻ ته زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ آبادگارن وٽ لينڊ رڪارڊ ئي موجود ناهي، جنهن ڪري گھرجن موجب فارم مڪمل نه ٿا ٿي سگھن. رپورٽ موجب ته جيڪب آباد جي تعلقي ٺُل ۽ دادو ضلعي جا تپيدار آبادگارن جي فارمن تي صحيح ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن، گھوٽڪي، ميرپورماٿيلو، روهڙي، سکر ۽ ٻين تعلقن ۾ سروي ٽيمون صحيح ڪم نه پيون ڪن، بدين ضلعي ۾ وري تپيدار سروي ۾ حصو وٺڻ لاءِ به تيار ناهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي اختيارين پاران روينيو اسٽاف جي کوٽ ظاهر ڪندي ٽيمن لاءِ لاڳاپيل عملو ڏيڻ کان به انڪار ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ هر سال 29 لک 64 هزار ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿيندي آهي، سروي لاءِ 24 لک 33 هزار 56 ايڪڙ ايراضي متاثر ڄاڻائي منصوبي ۾ شامل ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين رڳو 8 لک 34 هزار 45 ايڪڙ زمين جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي، اڃا 15 لک 99 هزار 11 ايڪڙ زمين جي سروي رهيل آهي.