حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ آيل مڪاني نظام 3 مهينا گذري وڃڻ باوجود عام ماڻهن کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيو. يوسيز ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز جي چيئرمينن کي اڃا تائين مالي اختيار نه ملي سگهيا آهن. ان ڏس ۾ ”پنهنجي اخبار“ پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب اربين رپيا بجيٽ هئڻ ۽ 6 مهينن کان مڪاني نظام ۾ نمائندا چونڊجڻ باوجود سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪا به خاطرخواهه تبديلي نه اچي سگهي آهي. سنڌ جي ضلعن ۾ ميئرز ۽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمينن کي ته اختيار ملي ويا آهن جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ يوسيز جي چونڊيل چيئرمينن کي چونجڻ جي 3 مهينن ۽ حلف کڻڻ باوجود اڃا تائين مالي اختيار نه ملي سگهيا آهن. حيدرآباد ڊويزن جي هٿ ڪيل انگن اکرن موجب ڊويزن جي 9 ضلعن حيدرآباد، دادو، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ڪل هڪ ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر، 8 ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمينن کي ته آفيسون ۽ مالي اختيار ملي ويا آهن پر 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشينز، 13 ميونسپل ڪاميٽين، 42 ٽائون ڪاميٽين، 160 يونين ڪاميٽين، 325 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينز کي اڃا تائين نه ته مڪمل آفيسون ملي سگهيون آهن ۽ وري کين مالي اختيار ملي سگهيا آهن ان ڪري اهو نظام اڃا تائين عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. ذريعن موجب حيدرآباد ڊويزن سميت سڄي سنڌ جي سوين يونين ڪائونسلن جي چيئرمينز ته اڃا تائين پنهنجا اڪائونٽ به نه کولرايا آهن. ذريعن موجب ٽائونز ۽ يوسيز وٽ مالي اختيار نه هجڻ ڪري عوام کي خالي آسرا ملي رهيا آهن جڏهن ته مڪاني نظام اچڻ بعد بيورو ڪريسي به سستي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن ڪري عوام کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿي رهيو آهي.