ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي 32 تڪن تي ضمني چونڊ، پ پ اڪثريت سان ڪامياب، حيدرآباد ۾ آزاد اميدوارن ملهه ماري ورتي، جيالن جو جشن، خبر موجب ملير ٽائون جي يونين ڪاميٽي بختاور جي چيئرمين لاءِ ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار بابر مگسي 2574 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته جماعت اسلامي اميدوار منور حسن 558 ۽ پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوار  عزير علي 126 ووٽ کڻي سگهيا، ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي شيرپائو جي وارڊ 4 جنرل ڪائونسلر تي پ پ اميدوار آصف تنولي 964  ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، حيدرآباد جي مڪاني ادارن جي چئن يونين ڪميٽين جي 4 مختلف سيٽن تي ننڍي چونڊ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. نتيجن مطابق ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد جي يونين ڪميٽي 140 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ۾ پ پ اميدوار 662 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا آهن. پ پ پاران ذوالفقار علي جانوري چيئرمين ۽ عمران علي بلوچ وائيس چيئرمين جي عهدن تي بيٺل هئا جن کي 662 ووٽ مليا آهن. سندن مخالفت ۾ چيئرمين جي عهدي تي بيٺل مختيار علي سنجراڻي ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي بيٺل سعيد چانڊيو کي 599 ووٽ ملي سگهيا. اهي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيا هئا. ساڳئي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد جي يوسي 125 تي چيئرمين جي عهدي تي پ پ جي استحسان برڪت 310 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مخالف آزاد اميدوار طور چيئرمين جي عهدي تي بيٺل محبوب ابڙو کي 217 ووٽ مليا. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي يوسي 51 جي چيئرمين جي عهدي تي بيٺل آزاد اميدوار طور عدنان رشيد 1086 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سندس مخالف پ پ اميدوار محمد فرحان کي 899 ووٽ مليا. ڪامياب ٿيل عدنان رشيد کي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل هئي. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي يوسي 46 جي وارڊ هڪ تي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ چونڊ وڙهندڙ آزاد اميدوار حارث احمد 281 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته سندس مخالف تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار 73 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. حارث احمد کي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل هئي.، ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ جي خالي پيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ۽ لال محموداڻي يونين ڪائونسل جي جنرل ڪائونسلر ميمبر لاءِ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پ پ اميدوار نظير جلالاڻي 3423 ووٽ حاصل ڪري پهرين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته آزاد اميدوار حبيب لغاري 576 ووٽ ۽ تحريڪ لبيڪ جي اميدوار عبدالحميد ترڪ 101 ووٽ حاصل ڪري سگهيو ، يونين ڪائونسل لال محموداڻي جي وارڊ ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ جي اميدوار آصف خاصخيلي غيرسرڪاري غيرحتمي نتيجن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ تحريڪ لبيڪ جي عاشق برهماڻي هارائي ويو، چمبڙ تعلقي جي يونين ڪائونسل لانڊي جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪائونسلر جي  سيٽ تي پ پ اميدوار خان محمد آريسر 459 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏھن ته آزاد اميدوار، پي ٽي آءِ جو حمايت يافتا مشتاق اوٺو 300 ووٽ کڻي ھارائي ويو، مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ ست تي پ پ اميدوار صفدر شاھ  ھاشمي 464 ووٽ کڻي ڪائونسلر جي سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو، جي يو آ جي غلام رسول ميمڻ  426 ووٽ کنيا، آزاد اميدوار ظھير خاصخيلي 56 ووٽ کنيا، آزاد اميدوار نور الدين  ترڪ 66 ووٽ کڻي سگھيو، جيڪب آباد ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 6 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي اميدوار ياسين جکراڻي 857 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ولي محمد بروهي 207 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، ٽي ايل پي اميدوار لعل بخش صرف 29 ووٽ کڻي سگهيو،  رستم لڳ يوسي محمد آباغ ۾ مڪاني چونڊ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو اميدوار اسدالله سومرو 3775 ووٽ کڻي چيئرميني واري سيٽ تي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جو اميدوار سجاد سومرو 856 ووٽ کڻي ھارائي ويو، جي يونين ڪائونسلر لاکا جي وارڊ نمبر 2 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پي ٽي آء جو حمايتي آزاد اميدوار عبدالقيوم لاکو ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته سندس مخالف پ پ اميدوار آصف علي مگسي 629 ووٽ کڻي هارائي ويو، رتيديري ۾ ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار منٺار عمراڻي 601 ووٽ کنيا ۽ جي يو آءِ  جي مولانا انيس الرحمن سومرو 112 ووٽ کڻي سگهيو، اهڙي طرح پ پ پ سان لاڳاپيل اميدوار منٺار عمراڻي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب  ڪائونسلر جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي، سنڌڙي جي يوسي ڦلھڏيون تي پ پ اميدوار ضلعي ڪائونسلر جمن مري ۽ وائيس چيرمين نصير شر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ڪمون شهيد ۾ يوسي چيئرمين جي سيٽ تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار ذوالفقار چاچڙ ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته آزاد اميدوار ارباب علي بوھڙ هارائي ويو،  سکر  ۾ يونين ڪاميٽيءَ بئراج ڪالونيءَ جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي  پيپلز پارٽيءَ جي اميداور ارشاد سولنگي 1212 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي آهي، جڏهن  ته مخالف جي يو آءِ اميدوار 279، آزاد اميدوار بشير ڏهر 191، محمد احمد 22 ۽ نويد کوسو 19 ووٽ کنيا.  شهيد بينظير آباد ۾ يونين ڪميٽي 4 ايڇ خواجه ٽائون نواب شاھ ۾ چيئرمين جي سيٽ تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ چيئرمين جي سيٽ تي نامزد اميدوار منظور احمد گجر 3416 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏھن ته مخالف اميدوار ٽي ايل پي کي 315 ۽ پي ٽي آءِ کي 371 ووٽ ملي سگھيا، جڏھن ته يونين ڪائونسل جمال ڪيريو سکرنڊ جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پيپلز پارٽي جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي پ پ اميدوار حاجي الله دتو رند 2118 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، سندس مخالف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اميدوار قربان مگسي 619 ووٽ کڻي سگهيو، جڏھن ته يونين ڪائونسل ڳڙھي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ جو غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب ضلعي ڪائونسل جي ميمبر لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار مير محمد جمالي 4493 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف اميدوار جمعيت علماءِ اسلام ف جي ممتاز جمالي 257 ووٽ حاصل ڪيا. سنگرار ۾ يوسي چيئرمين لاءِ ٿيل اليڪشن جي غيرسرڪاري غير حتمي نتيجي موجب پيپلز پارٽي جو نامزد ڪيل اميدوار سيد مريد عباس شاهه 4278 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ جي يو آءِ طرفان نامزد ڪيل اميدوار عبدالغفار ابڙو 722 ووٽ حاصل ڪري ٻي نمبر تي رهيو آهي، هالاڻي ۾ تعلقه محراب پور جي يونين ڪائونسل نئون آباد ۾ چئيرمين لياقت علي لاشاري جي فوت ٿيڻ بعد خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي اميدوار جي فدا حسين لاشاري 654 ووٽن جي ليڊ سان اليڪشن کٽي ورتي، مخالف اميدوار عوامي اتحاد جي اميدوار نظر محمد هاليپوٽو 1644 ووٽ کڻي سگھيو، سڪرنڊ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ خالي ٿيل سيٽن تي يونين ڪائونسل جمال ڪيريو جي وائيس چيئرمين تي پ پ اميدوار الهڏتو رند 2148  ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ايس يو پي اميدوار قربان مگسي 571 ووٽ کڻي هارائي ويو. ڪنڊيارو تعلقي جي يوسي ڪنڌر جي وارڊ نمبر 3 جي ڪائونسلر زبير احمد رند کي سرڪاري نوڪري ملڻ سبب خالي ٿيل سيٽ تي 3 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿي جنهن ۾ پ پ جي اميدوار اختيار احمد رند 490 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آھي جڏھن ته آزاد اميدوارن امين رند 170 کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.