پاڪستان جي صوبي سنڌ کي پنهنجي قدرتي خوبصورتي، زرعي زمينن، ندي نالن ۽ ڍنڍن جي ڪري دنيا ۾ هڪ الڳ مقام حاصل آهي. هر سال سياري جي موسم ۾ مهمان پکي سائبيريا، وچ ايشيا ۽ ٻين علائقن کان هزارين ميل جو سفر ڪري سنڌ جو رخ ڪن ٿا. اهي پکي مختلف قدرتي ذخيرن، ڍنڍن ۽ گهاٽن علائقن ۾ رهائش اختيار ڪن ٿا. انهن مهمان پکين ۾ فليمنگو، تلور، آڙيون، ۽ ٻيا ناياب نسل جا پکي شامل آهن. انهن پکين جو سنڌ ۾ اچڻ نه رڳو ماحولياتي توازن کي برقرار رکي ٿو پر مقامي سياحت ۽ تحقيق لاءِ به اهم آهي.
بدقسمتي سان سنڌ ۾ انهن پرديسي پکين جي شڪار جو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جيڪو انهن جي نسل جي خاتمي جو سبب بڻجي رهيو آهي. اهو شڪار اڪثر ڪري شوق، تفريح يا غير قانوني ڪاروبار لاءِ ڪيو وڃي ٿو. شڪار دوران جديد هٿيار، ڄار ۽ ٻين خطرناڪ طريقن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪي نه رڳو انهن پکين لاءِ پر ماحول لاءِ به نقصانڪار آهن. مهمان پکين جي شڪار جا ڪيترائي سبب آهن. پهريون سبب انهن پکين جي گوشت جي گهرج آهي، جيڪو ڪيترن ئي مقامي هوٽلن ۽ گهرن ۾ مزيدار کاڌي طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ٻيو سبب شڪار کي شوقيه راند طور اختيار ڪرڻ آهي، جتي مقامي ۽ بااثر ماڻهو جديد هٿيار ۽ گاڏيون استعمال ڪري شڪار ڪن ٿا. ٽيون سبب غير قانوني واپار آهي، جتي ناياب پکين کي خفيه طور ملڪ اندر ۽ ٻاهر وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
مهمان پکين جي تحفظ لاءِ جهنگلي جيوت کاتي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر بدقسمتي سان هي ادارو پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو. قانوني طور مهمان پکين جو شڪار منع ٿيل آهي، پر عملي طور جهنگلي حيات کاتي جي غفلت ۽ نااهلي سبب اهو شڪار عام بڻجي چڪو آهي.
جهنگلي جيوت کاتي وٽ نه ته مناسب وسيلا آهن ۽ نه ئي جديد سامان، جنهن جي مدد سان شڪار خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. کاتي جا ڪجهه اهلڪار بااثر شڪاري ماڻهن سان ملي ڀڳت ڪري انهن کي شڪار جي اجازت ڏين ٿا يا انهن جي سرگرمين تي اکيون بند ڪري ڇڏين ٿا. سنڌ جي وسيع علائقن کي نظر ۾ رکندي جهنگلي جيوت کاتي جي عملي جو تعداد به ناڪافي آهي، جنهن سبب اهي شڪار تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهن ٿا. عام ماڻهن کي پکين جي اهميت ۽ انهن جي شڪار جي نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪو موثر قدم نه ٿو کنيو وڃي ٿو. مهمان پکين جي شڪار سان نه رڳو انهن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي ماحولياتي نظام تي به وڏو اثر پئجي رهيو آهي. اهي پکي پوکيل زمينن، ڍنڍن ۽ گهاٽن علائقن ۾ موجود جيتن ۽ ٻوٽن کي ڪنٽرول ۾ رکن ٿا، جيڪي زرعي پيداوار لاءِ فائديمند آهن. انهن جي گهٽتائي سان ماحولياتي توازن خراب ٿي رهيو آهي، جنهن جو اثر جهنگلي حيات جي ٻين عنصرن تي به پئجي رهيو آهي.
ضروري آهي ته، شڪار جي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ۽ شڪاري ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وائيلڊ لائيف کاتي کي جديد سامان ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي شڪارين خلاف موثر ڪارروائي ڪري سگهن. مهمان پکي سنڌ جي قدرتي ورثي جو هڪ اهم حصو آهن، ۽ انهن جي تحفظ لاءِ سڀني ڌرين کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن. جهنگلي جيوت کاتي کي پنهنجي غير فعال پاليسين کي ڇڏي موثر قدم کڻڻا پوندا ته جيئن سنڌ جو ماحولياتي توازن برقرار رهي ۽ انهن ناياب پکين جي نسلن کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي.