رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رمضان مهيني ۾ مهانگائي گهٽائڻ واريون دعوائون ڌوڙ: عوام کي رليف نه ملي سگهيو ! سنڌ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري، 29 ڏينهن ۾ 49 ڄڻن زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو ، اڄ عيد جي ڏينھن به خودڪشي ڪندڙن جي گهرن ۾ سوڳ  آهي،  پنھنجي اخبار پاران گڏ ڪيل انگ اکرن موجب وڳڻ واسي نوجوان جانب تنيو خودڪشي ڪئي، ھالاڻي ڀرسان ناري مھتاب سولنگي، غوثپور ۾ وقار اوڳاھي، نوشھرو فيروز ۾ نوجوان  غلام مصطفي شاھ،احمد پور ۾ پيرسن نصر الله، ڪلھوڙي مانجھند ۾ نوجوان صابو کوسو به بيروزگاري ۽ گھرو تڪرار سبب آپگھات ڪري انت آڻي ڇڏيو، جڏھن ته بڪيرا شريف ۾ گھرو تڪرار تان ڪاوڙجي ويل نوجوان سعيد احمد ڪلوئي جو لاش وڻ مان ٽنگيل مليو، وارثن ۽ پوليس پاران خودڪشي جو شڪ ظاھر ڪيو ويو، نصير آباد ۾ نينگر بابر جھتيال زھر پي خودڪشي ڪري ڇڏي،  ڪڙيو گھنور ۾ ٽن ٻارڙن جي والد نيئراج ڪولھي به خودڪشي ڪئي ھئي،قمبر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي عمر ۾ 14 ورھين جي نينگر نيبل مستوئي به زندگي وڃائي ويٺو، پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان عمران لاشاري به پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ورتو، ٻئي طرف خانپور مھر ۾ جوابدار سوني ڪمار پاران گھر ۾ داخل ٿي گھر ڌڻي چانڊو رام کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به بندوق جو فائر ڪري انوکي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي، ھوڏانھن سيراڻي ۾ فصل مان حصو نه ملڻ ڪري نوجوان فياض موسيپوٽي خودڪشي ڪئي، جڏھن ته کپري ۾ ھولي ملھائڻ لاءِ پئسا نه ھجڻ ڪري مڙس گيتو ۽ زال شرمتي پوجا ڪولھي به گڏجي خودڪشي ڪئي ھئي، مٺي ۾ ناري انيلا ڌيءُ ڪاڇو مينگهواڙ جو گھر مان لاش مليو وارثن واقعو خودڪشي قرار ڏنو ويو، حيدر آباد ڀرسان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري سحرش نگر جو 15 مارچ جي ڏينھن لاش ھٿ ڪيو ويو، پوليس معاملي کي خودڪشي قرار ڏنو ھو، راضيديري ڀرسان مائٽن وٽ گھمڻ لاءِ آيل نوجوان سنيل ڪمار مينگهواڙ خودڪشي ڪئي، رپڙي ڀرسان پورھيت ضمير پنھور پاران مبينا طور خودڪشي ڪئي وئي،جيڪب آباد ڀرسان نوجوان محسن ڀنگر خودڪشي ڪئي ھئي، نوان جتوئي ۾ نوجوان آيو مثان به زندگي جو ڏيئو وسايو ھو ،بدين ۾ نوجوان عبدالله چانڊيو خودڪشي ڪئي، سيتا روڊ ۾ نوجوان رفيق سيال به زندگي وڃائي چڪو دادو ۾ واپاري ذوھيب شيخ خودڪشي ڪئي، سڪرنڊ ۾ نوجوان جاويد شيخ پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري زندگي وڃائي، عمرڪوٽ ڀرسان نوجوان لالچند اوڏ به خودڪشي ڪئي، 19 مارچ جي ڏينھن ھڪ سال اڳ شادي ڪندڙ جميلا زال لياقت سميجو جو لاش کوھ مان ھٿ ڪيو ويو، واقعو گھرو تڪرار سبب خودڪشي قرار ڏنو ويو، اڳڙا ۾ نوجوان رابيل کھڙي خودڪشي ڪئي، قمبر ۾ عورت فائزه زال رجب مغيري زھر کائي خودڪشي ڪئي،پيرونمل ڀرسان ڳوٺ ويجھو گاھ ڪرڻ لاءِ ويل عورت ڀاڳي ڀيل درياھه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، ٿرڙي محبت ڀرسان نوجوان غلام مصطفيٰ خاصخيلي خودڪشي ڪئي،راڄو خاناڻي ڀرسان نوجوان رياض خاصخيلي به خودڪشي ڪئي ھئي، موھن جي دڙي ڀرسان ريما زال بدر الدين گاڏھي خودڪشي ڪئي، سوڀو ديرو ڀرسان نينگر مجاھد لاشاري مبينا طور خودڪشي ڪئي،خيرپور ۾ غربت سبب پورھيت وزير سومري خودڪشي ڪئي، شڪارپور ۾ ڳوٺ جنو شريف واسڻ عورت صنم زال الطاف بنگلاڻي به ڦاھو کائي مبينا طور زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ھمايون ڀرسان 23 مارچ جي ڏينھن 24 ورھين جي حليمه زال جنيد ڀيو مبينا طور خودڪشي ڪئي ھئي، علائقي ۾ کيس قتل ڪرڻ جا چوٻول ھلندڙ رھيا، پر پوليس جاچ ئي نه ڪئي، مٺي ڀرسان پيرسن عورت ھانسو زال تماچي خودڪشي ڪئي ،ٽنڊي محمد خان ۾ نينگر عظيم چنڙ ڇت تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، سکر ۾ خانپور واسي عامر علي آرائين به درياھه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، پنگريو ۾ ناري ڪرمان ڪولھي به زندگي وڃائي ڇڏي، پيرونمل ۾ نوجوان محمد مراد چانڊيي به خودڪشي ڪئي، لاڙڪاڻي ڀرسان ناري دعا آگاڻي به زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو، نيو سعيد آباد ڀرسان اشوڪ پٽ پپو سوچي به زندگي وڃائي، ملير ۾ نوجوان نياز خاصخيلي جو گھر مان لاش ھٿ ڪيو ويو، معاملي کي پوليس ۽ وارثن پاران خودڪشي قرار ڏنو ويو، مدئجي ۾ نوجوان مٺو ميراڻي به زندگي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي،مسڻ ڀرسان عورت موڙي زال ساڌو ڀيل به زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو، ٿرڙي محبت ڀرسان نوجوان غلام مصطفي عرف ببلو خاصخيلي به زندگي جو بھترين موقعو وڃائي آپگھات ڪري ڇڏيو جڏھن ته گذريل ڏينھن يعني 29 رمضان جي ڏينھن به خانواھڻ ۾ ڳوٺاڻي بشير احمد جلباڻي پاران زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري آھي، ھوڏانھن مٿي خبر ۾ ڄاڻايل سمورن خودڪشي ڪندڙن ۾ اڪثر انگ نوجوانن جو آھي، جيڪي پڻ گھرو تڪرار ۽ بيروزگاري سبب آپگھات ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي چڪا آھن، پر سندن وارثن جي حڪومت پاران ڪا مالي مدد نه ڪئي وئي آھي، جنھن سبب اڄ عيد جو ڏينھن به زندگي جو ڏيئو وسائي ويندڙن جي گھرن ۾ سوڳواري صورتحال قائم ٿيل آھي.

حياتي امانت مليل آهي، خودڪشي نه صبر ڪرڻ گهرجي: مفتي

رستم: پروفيسر واجد بخاري پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته خودڪشي ھڪ سنجيدہ ۽ پيچيده موضوع آھي، جيڪو انفراديت خاندانن ۽ راڄ کي متاثر ڪندو آھي، خودڪشي معني پنھنجي حياتي جو انت آڻڻ آھي، ھن چيو ته عالمي صحت جي اداري موجب ھر سال 800000 ماڻھو خودڪشي ڪن ٿا، ھن وڌيڪ چيو ته خودڪشي ھڪ اھو گناھ آھي جيڪو ناميدي وڌي وڃڻ ڪري ٿئي ٿو، واجد بخاري جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سماجي تعاون، ۽ دماغي تندرستي سميت ٻيا سمورا معاملا فوري طور نبيرڻ گھرجن، جنھن سان ذھن تي اثر رسندو ھجي، اھڙيءَ ريت خودڪشي جي واقعن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.

 

رستم: مفتي محمد حنيف بکراڻي جو چوڻ هو ته خودڪشي ڪرڻ اسلام ۾ حرام آھي، انسان کي زندگي پنھنجي نه سمجھڻ گھرجي، اسان کي حياتي امانت طور مليل آھي، جيڪا ھڪ قيمتي آھي، ماڻھو کي خودڪشي ڪرڻ بدران صبر ڪرڻ گھرجي، خودڪشي ڪرڻ جذبات جي ذمري ۾ اچي ٿو، ڪاوڙ ڪرڻ کان به روڪيو ويو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته خودڪشي ڪرڻ پاڻ کي قتل ڪرڻ آھي، جنھن جو ڏوھ ٻئي کي قتل ڪرڻ کان به وڌيڪ آھي، اسان انسانن تي صبر ڪرڻ فرض ڪيو ويو آھي.

حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏئي، جيئن آپگهات جا واقعا نه ٿين: اسلم/بلاول مهر

رستم: خودڪشي ڪندڙن جي حوالي سان بلاول مھر ۽ اسلم ھزار چانڊيي جو چوڻ ھو ته خودڪشي جو واقعو، گھرو تڪرار ۽ بيروزگاري سبب پيش اچي ٿو، جنھن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي گھرجي ته نوجوانن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳائي ته جئين آپگھات جي واقعن ۾ ڪمي اچي سگھي، ھنن وڌيڪ چيو ته 29 ڏينھن اندر 49 ماڻھن پاران خودڪشي ڪرڻ تمام وڏو سانحو آھي، سمورن خودڪشي ڪندڙن جي وارثن جي مالي مدد ڪئي وڃي.