سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو پهرين ڪيس سامهون اچي ويو، ڪراچي جي لطيف ٽائون جي رهواسي 28 ورهين جي نوجوان ۾ وائرس جي تصديق ڪئي وئي، صحت کاتي جي ذريعن موجب متاثر شخص کي جناح اسپتال آندو ويو، جتي سندس سيمپل وٺي ڊائو اسپتال موڪليو ويو، ڊائو اسپتال انتظاميا طرفان نوجوان جي منڪي پاڪس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي