ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ چئيرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته جنرل ضياءَ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ ۾ دهشتگردي، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي دهشتگردي منظم ٿابندي سان سرڪاري سرپرستي ۾ جاري آهي، جنهن جو مقصد سنڌي قوم جي فطري ترقي ۽ واڌ ويجهه کي روڪڻ آهي، هتي بار ڪائونسل کي خطاب ڪبدي هن چيو ته ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر ۾ هٿ وٺي امن تباهه ڪيو ويو آهي، اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا ويران آهن پر اغوا انڊسٽريز عروج تي آهي، هن چيو ته وزيرستان جو پٺاڻ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿئي ٿو ته پٺاڻ پشاور کان اچي روهڙي ۾ احتجاج ڪري روڊ بند ڪن ٿا ته انهن جو اغوا ٿيل ماڻهو واپس ملي ٿو وڃي، پي هتان جي ماڻهن ايئن ناهي، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ سربراهه سکر ۾ 17 تاريخ تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي وڪيلن کي دعوت ڏني، ھوڏانھن رياض چانڊيو ھندوپنچائت جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي.