سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان هلندڙ آهن. ڪاپي ڪلچر سبب هتي امتحان چٿر بڻجي رهجي ويا آهن. امتحان پاس ڪرڻ ايترو ته سهل بڻجي ويو آهي، جو پنجاب مان شاگرد سنڌ ۾ داخلا وٺي هتان امتحان ڏيئي رهيا آهن. اهو گهوٽڪيءَ سميت انهن شهرن جي امتحاني سينٽرن ۾ ٿي رهيو آهي، جن شهرن جون سرحدون پنجاب سان ملن ٿيون يا اهي شهر پنجاب جي ويجهو آهن. ڪو زمايو هوندو هو جڏهن شاگردن کي سوالنامو (پيپر) ٻاهران حل ٿي ملندو هو، يا سوالن جا جواب امتحان هال اندر ملي ويندا هئا، پر هاڻي ته ٽيڪنالاجي اهو ڪم وڌيڪ سهل ڪري ڇڏيو آهي. موبائل فون ۾ واٽس ايپ تي شاگردن کي سڄو امتحاني پيپر حل ٿيل ملي ٿو وڃي. باقي شاگردن کان امتحان هال ۾ موبائل فون کسڻ واري دليريءَ جو ڪم ڪوبه استاد پنهنجي زندگيءَ جي قيمت تي ڪرڻ نه چاهيندو آهي. جيتري قدر وجيلينس ٽيمن جي آوت جاوت جو تعلق آهي، ته اها “کايا پيا هضم” ڪرڻ واري پريڪٽس کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.
دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اتي جون حڪومتون گهڻي سيڙپ تعليم تي ڪنديون آهن، پر اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل شعبو تعليم جو آهي. اسان وٽ تعليمي ادارا، تعليمي بورڊ ۽ يونيورسٽيون بنا اهليت جي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جا ڪارخانا بڻيل آهن. سرڪاري شعبي جي تعليم حڪمران ٽولن جي ترجيح ناهي رهي. هتي تعليم جو معيار ڪهڙو آهي، ان جي پروڙ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن جي نتيجن مان پئجي وڃي ٿي. پرائيويٽ سيڪٽر کي وڌڻ ويجهڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرڪاري شعبي جي تعليم کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. سرڪاري اسڪول ٻارڙن لاءِ قيد خانا بڻيل آهن، جتي انهن کي ڏينهن جا ڪجهه مقرر ڪلاڪ گذارڻا پوندا آهن. اسان انهن اسڪولن کي قيد خانا ان ڪري ٿا چئون ته نه اتي پورو فرنيچر هوندو آهي، نه بجلي، نه پاڻي ۽ نه ئي وري واش روم جي سهولت. ايتري قدر جو اڪثر گرلز اسڪولن جي چوديواري به نه هوندي آهي. اها ڳالهه انهن اسڪولن جي آهي، جن جون عمارتون آهن، جن ۾ استاد ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي، پر ايندا آهن. باقي جيڪي اسڪول بنا عمارتن جي هلي رهيا آهن، يا وري جن اسڪولن ۾ استاد اچن ئي ڪونه ٿا، انهن اسڪولن کي اسڪول چوڻ ئي تعليم جي توهين آهي. اسڪولن ۾ جديد سهولتون هونديون ته شاگرد سڪون ۽ لڳاءَ سان، بهتر ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندا. بهتر تعليمي ماحول کانپوءِ مرحلو اچي ٿو نصاب جو، جيڪو تعليمي ادارن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ڇا اسان جي تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو، اهو جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي؟ ان کانپوءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اهو نصاب ڪيئن ٿو پڙهايو وڃي! اسان وٽ هن وقت به جديد تدريسي طريقن بدران هڪ صدي پراڻا مدي خارج تدريسي طريقا مروج آهن. آخر ۾ ڳالهه اچي تي امتحاني سرشتي جي. قيدخانن جهڙي ماحول ۾ فرسوده تدريسي طريقن سان پڙهايل مدي خارج نصاب جو امتحان سالياني امتحاني طريقي ذريعي ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد جي اهليت جي پرک سڄي نصاب مان ڪجهه سوالن جي جوابن سان ڪئي وڃي ٿي. ڇا سڄي مضمون مان ڪجهه سوالن جي جوابن سان شاگردن جي اهليت جو پتو پئجي سگهي ٿو؟ رهيل ڪسر وري تعليمي بورڊ پوري ڪري ٿا ڇڏين، جتي مارڪن ۽ گريڊن جو وڪرو هاڻي ڳجهو نه رهيو آهي.
اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اها گهر ڪندا رهيا آهيون ته ڪورس کي ننڍن ننڍن يونٽن ۾ ورهائي سڄو سال پڙهايو وڃي ۽ ان جا ماهوار امتحان (ٽيسٽون) ورتا وڃن. صرف اهوئي طريقو آهي، جنهن سان ڪاپيءَ جي رجحان کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسڪولن ۾ سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪيون وڃن. جديد تقاضائن پٽاندڙ نصاب جوڙيو وڃي ۽ ان جي تدريس لاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ۽ استادن جي تربيت جو اهتمام ٿيڻ گهرجي ته جيئن جديد تدريسي طريقن ذريعي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ٻي اهم ڳالهه تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حاضري آهي. تعليم کڻي ڪيتري به معياري ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن شاگرد تعليمي ادارن ۾ ايندو ئي ڪونه ۽ امتحاني فارم ڀرڻ وقت ان کي بنا ڪنهن تڪليف جي گهربل حاضري ملي ويندي ته پوءِ اهو ڇا پرائي سگهندو ۽ آخر ۾ ان جو انحصار وري به ڪاپيءَ تي ئي هوندو.