وارهه (ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ اندر لاقانونيت عروج تي آهي، روزانو ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، ڪوڙي آدمشماري ڏيکاري وئي آھي، جنهن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ اغوا، ڌاڙا ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن، جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هن چيو ته هٿرادو مهانگائي سبب غريب عوام سخت پريشان آهي، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو باشعور آهن اهي پنهنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا.