سنڌ ۾ “قومي بلاسفيمي” جي اڀرندڙ تصور جا هاڃيڪار پاسا

0
97
سنڌ ۾ “قومي بلاسفيمي” جي اڀرندڙ تصور جا هاڃيڪار پاسا

 ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ بلڪل مذھبي بيحرمتي جي نموني “قومي بيحرمتي” جنھن کي ٻين لفظن ۾ انگريزي ۾ “بلاسفيمي” بـه چئبو آھي، انھيءَ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ڪڏھن اجرڪ جي توھين جي نالي تي تـه ڪڏھن موھن جي دڙي جي توھين جي نالي تي ته وري ڪڏھن شاھ جي رسالي جي بيحرمتي جي نانءَ تي دوست ڪاوڙجي ٿا پون ۽ اچي ڪات ڪھاڙا کڻي سوشل ميڊيا تي مھم ھلائي ماڻھن سان دنگل ڪن ٿا، انھن کي ذليل ڪن ٿا ۽ معافيون تلافيون ڪرائين ٿا.

                 ڪجھ ڏينھن اڳ بدين ۾ پيش آيل هڪ واقعي ۾، هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر روڊ ڪناري لڳل ڪتابن جا اسٽال زوريءَ هٽايا، جنهن دوران شاهه جو رسالو ٻين ڪتابن سان گڏ هيٺ ڪريل نظر آيو. ٿوري ئي دير ۾ هي واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو، ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي اهو “قومي بيحرمتي” جو معاملو بڻجي ويو. سوشل ميڊيا تي اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڦٽڪار جي اچي بازار گرم ٿي. ڪجھ ماڻهن اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف “شاهه جي رسالي جي بيحرمتي ۽ توهين” جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڪن ماڻهن سندس نوڪري ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ٻين ته اهو به چيو ته ڇاڪاڻ ته شاهه جي شاعريءَ ۾ قرآني آيتون به آهن، تنهنڪري کيس بلاسفيمي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

اهو پهريون دفعو ناهي جو سنڌ ۾ “قومي بيحرمتي” يا بلاسفيمي جو مسئلو اٿاريو ويو هجي. ماضيءَ ۾ ساڳيو معاملو ڪيترائي ڀيرا اجرڪ ۽ موھن جي دڙي بابت به سامهون اچي چڪو آهي. مان سڀني ترقي پسند، پڙھيل لکيل ۽ سلجھيل قومپرست دوستن کي اپيل ٿو ڪريان ته هن نئين بيحرمتيءَ جي رجحان جي سنگيني ۽ خطرناڪ نوعيت کي سمجهن. شاهه جو رسالو، موھن جو دڙو، اجرڪ وغيره تي نيون بلاسفيميون پيدا ڪرڻ جا تمام خطرناڪ نيتجا نڪري سگھن ٿا. منھنجو سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ قومي ڪارڪنن کان ھي بنيادي سوال آھي تـه جڏهن اسان مذهبي ڌرين تي بيحرمتيون پيدا ڪري معاشري ۾ تشدد جا رويا وڌائڻ تي تنقيد ڪندا آهيون، ته پوءِ پاڻ بلڪل ساڳيو عمل ڪندي اسان جا ھٿ، قلم ۽ وات ڪيئن اجازت ڏين ٿا؟ هن رجحان کي اسان جي ترقي پسند ۽ سنجيده ماڻھن طرفان اڳتي وڌي روڪڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا سنڌ جي امن ۽ خوشحالي تي تمام اُگرا اثر پئجي سگهن ٿا. ائين نـ ٿئي جو ھڪ ڏينھن اھڙو اچي جو سنڌ ۾ قومي بلاسفيمي جي نانءَ تي ساڳي رتوڇاڻ عام ٿي وڃي، جيڪا پنجاب ۽ پختونخوا ۾ مذھبي بيحرمتي جي نانءَ تي ٿيندي آھي.

جيڪڏھن غور ڪجي تـ بدين واري واقعي ۾ اھي سڀ معاملا موجود آھن، جيڪي مذھبي بلاسفيمي واري مامري ۾ نظر ايندا آھن. ھن واقعي کي جنھن نموني فلمايو ويو ۽ ھڪ سين بڻايو ويو، اھو اسان لاءِ ڪو نئون نـه آھي. ڪتابن جي اسٽالن کي ھٽائڻ جي انتظامي معاملي کي، جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي زيادتي تـه نظر اچي ٿي، پر جنھن نموني سان انھي کي “قومي بلاسفيمي” جو مامرو بڻائڻ لاءَ ھدايت ڪاري سان شاھ جي رسالي کي زمين تي ڪيرائي ھڪ سين جوڙيو ويو، بلڪل ساڳي ھدايت ڪاري ڪيترائي ڀيرا آسماني پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي وارن مامرن ۾ پڻ رپورٽ ٿي آھي. ٻيو تـ ٺھيو ھن مامري تي جيئن سنڌي شاعر، اديب، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ عام ماڻهو بنا ڪنھن جاچ جوچ ۽ سوچ سمجھ جي اشتعال ۾ آيو، انھيءَ بـه مذھبي بلاسفيمي جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون. بس مذھبي شدت پسندن وانگر اسسٽنٽ ڪمشنر سان ساڳي ڪار ڪانه ڪئي ويئي، باقي سوشل ميڊيا تي ويھي سڀ ڪجھ ڪري ڇڏيائون.

منھنجي نظر ۾ مسئلو صرف اھا ھدايت ڪاري ڪرڻ يا شاھ جي رسالي جي تڪريم جو ناجائز فائدو وٺڻ نـه آھي، بلڪـ اصل مسئلو شاھ سائينءَ جي رسالي کي، اجرڪ کي يا موھن جي دڙي کي اھا تڪريم ڏيارڻ آھي، جيڪا مذھبي ڪتابن، مذھبي شعارن ۽ شخصيتن کي ڏني ويندي آھي. جڏھن اوھان شاھ سائينءَ کي پنھنجي ڪانفرنسن ۾، مقالن ۾، جلسن ۾ ۽ گڏجاڻين ۾ ھڪ انسان کان ڪجھ مٿي واري شئي ڪري پيش ڪندا ۽ سندس شاعري جي بلڪل مذھبي نموني سان ڏينھن رات ورد لاءِ ماڻھن کي اتساھيندا ۽ دلين کي پاڪ پوتر ڪرڻ لاءِ شاھ سائين جي شاعري کي پنھنجي دل ۾ سانڍڻ جون ڳالھيون ڪندا تـه پوءِ انھيءَ تي بلاسفيمي جو جڙڻ ھڪ منطقي نتيجو آھي.

مونکي انھيءَ ۾ ڪو شڪ نـه آھي تـ بيشڪ شاھ سائين نـه صرف سنڌ جو، بلڪـ دنيا جو ھڪ عظيم شاعر آھي. سندن شاعري ۾ جيڪو پيغام آھي، اسان کي اڄ بـه انھيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آھي. شاھ سائين سان محبت ڪرڻ ۾ ڪو عيب ڪونھي. پر شاھ سائين انھن سڀني خوبين جي باوجود ھڪ شاعر ۽ ھڪ انسان آھي ۽ سندس ڪتاب شاھ جو رسالو ھڪ عام ڪتاب نـه پر بس ھڪ عظيم ڪتاب ئي آھي. منھنجو اسانجي شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ قومي سياستدانن کي نماڻو عرض آھي تـه شاھ سائين کي ھڪ عظيم شاعر ۽ انسان ئي رھڻ ڏين، کيس ديوتا بڻائڻ کان پاسو ڪن.

سنڌ ۾ “قومي بلاسفيمي” جو تصور، جتي شاهه جي رسالي، اجرڪ، ۽ موھن جي دڙي جهڙا ثقافتي ۽ تاريخي نشان مقدس حيثيت ماڻي چڪا آهن، اهو قومپرست سياست ۾ هڪ نئين لاڙي کي ظاهر ڪري ٿو. جيتوڻيڪ انهن ثقافتي علامتن لاءِ احترام فطري آهي، پر جيڪڏهن انهن کي اهڙي درجي تي پهچايو وڃي، جو ڪنهن به تنقيد کي يا ڪنھن فرد جي ڪنھن غلطي کي “توهين” سمجهيو وڃي، ته اهو هڪ خطرناڪ رجحان بڻجي سگهي ٿو.

تاريخي طور تي، توهين يا بلاسفيمي جي سوچ گهڻو ڪري مخالفن تي سياسي دٻاءُ وجھڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنھن سان تشدد کي هٿي ملندي آھي ۽ آزاديءَ واري سوچ جو خاتمو ايندو آھي. عام ماڻھو پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي ڊڄندا آھن ۽ انھيءَ نظريي جا پوئلڳ بلاسفيمي واري سوچ کي استعمال ڪندي پنھجا ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ جي بـه ڪوشش ڪندا آھن. ذاتي جھيڙا قومي ۽ مذھبي جهيڙا بڻجندا آھن. جيڪڏهن قومپرست يا ثقافتي تحريڪن ۾ به اهڙا رجحان اُڀرن، ته اهي ساڳين قدامت پسند قوتن جا عڪس بڻجي سگهن ٿا، جن جي هو پاڻ سخت مخالفت ڪندا رھيا آھن.

بدين واقعي تي عوامي ردعمل ڏيکاري ٿو ته ماڻهن کي شاهه جي رسالي سان تمام گهڻو جذباتي لڳاءُ آهي، پر ان تي قانوني يا تاديبي ڪارروائيءَ جا مطالبا ڪرڻ هڪ ڳڻتيءَ جوڳو رجحان آهي. هيءُ صورتحال تمام بنيادي نوعيت جا ھيٺيان سوال اٿاري ٿي:

* ڇا قومپرستي کي ھاڻي هڪ نئين مذهبي عقيدي جي شڪل ڏني پئي وڃي؟

* ثقافتي فخر ۽ سخت نظرياتي عدم برداشت جي وچ ۾ حد ڪٿي آهي؟

* ترقي پسندن قومپرستن کي ڪيئن اهڙي واٽ وٺڻ گهرجي، جيڪا سنڌ کي قوم پرستي جي نانءَ تي مذهبي انتهاپسنديءَ وانگر قوم پرست انتھاپسندي جي واٽ تي وڃڻ کان بچائي؟

سنڌ جي صوفي روايت، خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر، هميشه انسانيت، هم آهنگي، دانائي، ۽ ظلم خلاف مزاحمت کي فروغ ڏنو آهي. جيڪڏهن سندس شاعريءَ جي بنياد تي بلاسفيمي ٺاھي اَسهپ ۽ تشدد کي ھمٿايو وڃي، ته اهو ان جي حقيقي روح سان سڌو سنئون ٽڪراءُ هوندو. ھاڻي سنڌ جي مستقبل جو چئلينج اھو آهي ته سنڌ جي ورثي لاءِ احترام کي برقرار رکندي اهڙي “مقدس حيثيت” جي ثقافت پيدا ٿيڻ کان روڪيو وڃي، جيڪا سنڌ جي سماج اندر عدم برداشت، رجعت پسندي ۽ تشدد جا رويا پئدا ڪري. ان کان اڳ جو هي سخت رويو هڪ مستقل روايت بڻجي وڃي ۽ سنڌ اندر بحث، مڪالمي، سماجي انصاف ۽ انساني هم آهنگي جھڙا رويا اڻ لڀ ٿي وڃن، سنڌ جي ترقي پسند ڌرين کي هن رجحان کي مضبوط ٿيڻ کان اڳ روڪڻ لاءِ سرگرم ٿيڻ گهرجي، جيئن فڪري آزادي، بحث، ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد کي وڌيڪ سگھارو ڪري سگهجي.