سنڌ کي هڪ رٿابنديءَ تحت ڏوهن جو ڏيهه بنائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي شعور کان خائف ۽ خوفزده قوتن سنڌ جي عوام مٿان اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي ڇڏي آهي. هڪ پاسي اغوا انڊسٽري کي عروج ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف وري برادرين جي وچ ۾ جهيڙن جي باهه ڀڙڪائي، رتوڇاڻ ڪرائي قومي ايڪي کي نقصان پهچايو پيو وڃي، جنهن جي پويان مقصد اهو سمايل آهي ته، ماڻهو مڪمل طور تي ذهني طور تي مفلوج ٿي خوف ۽ ڏهڪاءُ ۾ گُذارين. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ برادرين جي وچ ۾ رتوڇاڻ کي ٻنجو اچي نه سگهيو آهي. علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن، جتي زميون ويران آهن، اسڪول بند آهن. برادرين جي وچ ۾ انهن جهيڙن ۾ ڳڀروئن جا لاش ڪيرايا وڃن ٿا. گهرن ۾ ماتم برپا ٿئي ٿو. اهڙي ئي تازي رتوڇاڻ جو واقعو خيرپور ضلعي ۾ ناريجا ۽ سولنگي برادرين جي هلندڙ تڪرار سبب پيش آيو آهي. ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ گاگڙي ۾ ناريجا برادري جي ماڻهن سولنگي برادري جي ماڻهن جي گهرن تي حملو ڪري ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان جهيڙي جو اطلاع جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي ويو. پلاند ۾ ڪيٽي پاڳاري جي ڳوٺ ملڻ ناريجو ۾ کِير وڪرو ڪندڙ ٽن ڳوٺاڻن کي يرغمال بڻائي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. هن وقت علائقي ۾ شديد خوف ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال آهي. توڙي جو پوليس صورتحال جي ضابطي ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر ان جهيڙي جي چِڻنگ ڪنهن به وقت اوچتو ڀنڀٽ بڻجي ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪائي سگهي ٿي.
هن جديد دور ۾ به سنڌ کي قديم عرب جي دور جاهليت جي حالتن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جتي قبيلائي جهيڙا پيڙهين تائين هلندا هئا. هن وقت سنڌ ۾ به برادرين جي وچ ۾ جهيڙا ڊگهي وقت کان هلندا اچن پر اُن جو انت ٿيندي نظر نٿو اچي. جهيڙا ٿين ٿا، اُن بعد جرڳا ٿين ٿا ۽ وري به اهي جهيڙا رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ٿا وڃن. جهيڙن ۾ ڳرا هٿيار استعمال ٿين ٿا. سنڌ ۾ انتهائي گهڻي غربت آهي، ماڻهو پنهنجي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني کارائي نٿا سگهن، انهن حالتن ۾ اُهي هٿيار ڪيئن ٿا خريد ڪن؟ هٿيار ڪٿان ٿا اچن، هٿيارن جي پهچ ۽ رسائي جا گهٽ گهيڙ ڇو نٿا بند ڪيا وڃن؟ انتظاميا خاموش ڇو آهي؟ چونڊيل نمائندا ڇا ‘هائبرنيشن’ ۾ هليا ويا آهن. انهن جهيڙن ۽ رتوڇاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ جون سياسي ڌُريون ڪردار ڇو ڪونه ادا ڪري سگهيون آهن. سنڌ ۾ هٿيارن جون فيڪٽريون ناهن پوءِ به انهن هٿيارن جي رسد ڪٿان ٿئي ٿي؟ ان سوال جو جواب سمجهڻ لاءِ جيڪب آباد ۾ پوليس پروٽوڪول جي گاڏيءَ جي موجودگيءَ ۾ هٿ آيل هٿيار اها سڄي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهندا آهيون ته، سنڌ ۾ سردار، ڀوتار، بااثر ڌريون ۽ هڪ ٻئي جا سياسي مخالف انهن جهيڙن کي هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن تي زنده رکندا پيا اچن. اهي جهيڙا اڪثر ڪري انهن علائقن ۾ آهن، جتي جاگيردارن جي گرفت آهي. سنڌ جي بدخواهه قوتن جي ايجنڊا تي، انهن قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل اهو مقامي پراڊڪٽ (ڀوتار) رٿابندي سان، سنڌي قوم جي ايڪي ۽ اتحاد کي ڌڪ رسائڻ لاءِ، عوام کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ مصروف نظر اچن ٿا. سمجهه ۾ نٿو اچي ته، سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري؟ سنڌ جو گهرو کاتو ٻئي ڪهڙي ڪم ڪار ۾ رُڌل آهي، جو اُن کان امن جي اوليت وسري وئي آهي. عوام تائين جمهوريت جو ثمر ايستائين نٿو پهچي سگهي، جيستائين سنڌ ۾ سانت ۽ سُڪون، امن ۽ آشتي نه هوندي.
سنڌ ۾ جتي غير قانوني هٿيارن جي ڪاروبار ۾ مافيائون ملوث آهن ته ساڳئي وقت جرڳن جو منافعي بخش ڪاروبار ڪندڙ سردار ۽ ڀوتار به بدامنيءَ جي باهه ڀڙڪائڻ، برادري تڪرار وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جرڳن ۾ ٿئي ائين ٿو ته، ڏوهاري قانون جي حوالي نٿا ٿين، ڏنڊ برادري ڀري ٿي ۽ ڏوهارين کي ڪو به سيڪ نٿو اچي، جنهن ڪري وري اُهي نين توانائين سان رتوڇاڻ ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ هٿيارن جو غير قانوني وڪرو بند ڪرايو وڃي، جهيڙا ڪرائيندڙ ڀوتارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ رتوڇاڻ جو خاتمو ٿي سگهي.