ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته حڪومت تمام جلد غير قانوني پناهگيرن خلاف ڪارروائي ڪندي. ڊفينس پوليس اسٽيشن جي دوري دوران هن چيو ته ڏوهن خلاف جنگ ۾ ڪميونٽي ۽ پوليس وچ ۾ تعاون انتهائي اهميت وارو آهي، هن چيو ته حڪومت سمورن غير قانوني مهاجرن خلاف فوري ڪارروائي ڪندي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪراچي ۾ نوان پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن،  شهري اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان واضح فرق محسوس ڪندا،