ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي غيرقانوني تعمير ٿيل عمارتن کي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ جو  هدايت: ان حوالي سان ڪالهه مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي جي صدارت هيٺ مڪاني ادارن جي ماتحت سمورين اٿارٽين جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ڊي اي، ايل ڊي اي ۽ ايم ڊي اي سميت بلڊرن جي تنظيم آباد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته جيڪي عمارتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد ٺهيون آهن ،انهن کي 15 ڏينهن اندر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن، جڏهن ته غيرقانوني عمارتن جا سرٽيفڪيٽ روڪيا وڃن. هن چيو ته ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي ۽ ايل ڊي جي گورننگ باڊيز ۾ آباد کي به نمائندگي  ڏني وڃي،   ڊولپمينٽ جي حوالي سان آباد ۽ لاڳاپيل ادارا جوائنٽ سروي 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪن، صوبائي وزير مبين جماڻي چيو ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته تعميراتي شعبي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ بلڊرن جي تنظيم آباد جي اڳواڻ محسن شيخاڻي اختيارين کي خاطري ڪرائيندي چيو ته آباد ڪنهن به ميمبر (بلڊر ) جي غيرقانوني ڪم جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندي.