ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، ڪراچي مان 23 افغان شهري گرفتار، فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
فيروز آباد ۽ مبينا ٽائون پوليس جون ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون ويون، 18 افغان شهري گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو
ملير جي علائقي قائد آباد مان به غيرقانوني طور ترسيل 5 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل افغان شهرين خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن