هونئن ته سڄي سنڌ اُڃايل آهي پر خاص طور تي سنڌ جي پوڇڙ وارو علائقو پاڻي کوٽ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هونئن ته “مٿان” کان ئي پاڻي گهٽ ٿو ملي. پاڻيءَ تي ڌاڙيوالي جاري آهي، سنڌوءَ کي پنجوڙ وجهي قيد ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڪڏهن ڪينالن جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري رهيل ڪسر ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪا لپ پاڻيءَ جي ملي ٿي، اها به حڪمرانن جي نااهلي سبب پوڇڙ تائين نٿي پهچي. آبپاشي کاتو پاڻي جي بهتر ريگيوليشن جي حوالي سان نااهلي جو ثبوت ڏيندو رهيو آهي. هن وقت حالت اها آهي ته، سنڌ جي پوڇڙ وارن ضلعن ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي. ماڻهن کي اُڃ مارڻ لاءِ سنڌ جي منتظمين پاران وسان نه پيو گهٽايو وڃي. پيئڻ جو پاڻي ميسر نه هجن جي ڪري انهن ضلعن ۽ خاص طور تي سامونڊي پٽيءَ مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي. زراعت ته هونئن ئي پاڻي نه ملڻ جي ڪري اڳ ئي تباهه ٿي چُڪي آهي، ماحوليات موت جي ور چڙهيل آهي پر هاڻي ته ماڻهن کي اُڃ مارڻ جو اهتمام به ٿي چُڪو آهي. سنڌ جي حڪمرانن عوام جي پيئڻ جي پاڻيءَ واري حق لاءِ ڪُجهه ناهي ڪيو، ويتر آبپاشي کاتو عوام جي اهنجن ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ پنهنجو حصو ملائي رهيو آهي. عوام کي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ جي ڪري انهن علائقن ۾ وڏي پيماني تي احتجاج شروع ٿي ويا آهن ۽ جڏهن به عوام پنهنجي آئيني حقن لاءِ احتجاج ڪري ٿو ته، سنڌ جا حڪمران اها واويلا ڪندا آهن ته، جمهوريت سان دُشمني پئي ٿئي، جڏهن ته جمهوريت سان دُشمني عوام کي ان جي آئيني حقن کان محروم ڪري ڪئي وڃي ٿي.
پاڻي زندگيءَ جي بقا لاءِ بنيادي عنصر آهي. بين الاقوامي قانونن ۽ انسانيت جي اصولن مطابق، هر انسان کي صاف ۽ محفوظ پيئڻ جي پاڻي تائين رسائي جو حق حاصل آهي. تنهن هوندي به، لکين ماڻهو هن بنيادي حق کان محروم آهن، جيڪو حق صحت، وقار، ۽ ترقيءَ لاءِ اهم آهي. سنڌ جي پوڇڙ واري عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڻي جياپو آهي، پاڻي ۾ پساهه آهن ۽ پاڻي کان محروم ڪرڻ زندگي کان محروم ڪرڻ جي مترادف آهي. رياست عوام کان ٽيڪس وٺي ٿي پر ان جي موٽ ۾ عوام کي ان جا آئيني حق نٿا ڏنا وڃن. ايتري قدر جو جڏهن رياست ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه ڪري سگهي ته، پوءِ ٽيڪس ۽ ڀتي ۾ فرق ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي. اسان اهو ٿا چئون ته رياست عوام کان ٽيڪس وٺي ٿي پر عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي رياست جي ذميواري ۾ شامل آهي. هن وقت حالت اها آهي ته پاڻي نه ملڻ جي ڪري سڄي لاڙ پٽ جي نه صرف معيشت پر ماحوليات پڻ تباهه ٿي وئي آهي. هن وقت ئي اهڙي حالت آهي ۽ جڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ٿي ته، جيڪا لپ پاڻي جي ملي ٿي اها به ان جي حوالي ٿي ويندي.
اسان سنڌ ۾ خاص طور تي پوڇڙ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي کان عوام کي محروم رکڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته، سنڌ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي فراهمي جو ترت انتظام ڪيو وڃي. آبپاشي کاتي جي انتظاميا جو احتساب ٿيڻ گهرجي، جيڪا بهتر رگيوليشن نه ڪري ماڻهن جي اُڃ ۽ اهنجن جو سبب بڻجي رهي آهي. مڃيون ٿا ته پنجاب پاڻي چوري ڪري ٿو پر سنڌ جا حڪمران عوام جي پيئڻ جي پاڻي واري حق لاءِ ڇا پيا ڪن، اهو سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ واري صورتحال مان ئي ظاهر آهي، ڇو ته هن وقت اها صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو انهن علائقن ۾ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي موجود نه آهي. ان ڪري حڪمراني کي دلپشوري سمجهڻ بدران عوام جا اهنج دور ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.