سنڌ ۾ عزاداريءَ جي شروعات

0
16
سنڌ ۾ عزاداريءَ جي شروعات

ڪربلا جي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ عزاداريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو مختلف وقتن ۾ پنهنجي رنگ ۽ رفتار سان هلندو رهيو. جنهن وقت ۽ حالتن مطابق نوان موڙ وٺي جدت ماڻي؛ جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هند، سنڌ ۾ تعزين جي حوالي کان مغل بادشاهه ‘تيمور لنگ’ جي دور ۾ نڪتل تعزيا مشهور هئا ۽ اتر سنڌ ۾ تعزيه داريءَ جي جلوسن جو رنگ نرالو رهيو. روهڙي ۾ سن 980 هجري کان سيد محمد شريف رضوي مشهور سيد مور شاهه، جي ڍالن واري ‘تعزيهء ڪربلا’ کانپوءِ شڪارپور جي جلوسن سن 1072 هجريءَ ۾ سيد عاقل شاهه جي جوڙايل ‘مسجد وارو تعزيو’ اڄ تائين ماتمي جلوس جي زينت بڻيل آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ سمن، سومرن جي دور ۾ ٺهيل مٽيءَ جي تعزين کانپوءِ مغلن جي دور ۾ جديد طرز تي ڪاٺ جي ٺهيل تعزين جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن سان ماتمي جلوسن ۾ تعزيه داريءَ جو دور شروع ٿيو، جنهن ميرن جي دورِ حڪومت ۾ اوج ماڻيو.

                 سنڌ ۾ زور واري عزاداري ڪلهوڙن جي دور ۾ عام هئي، جنهن کي وقت جي وڏن بزرگن ۽ سرڪاري عالمن پاران بند ٻڌڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. ‘سنڌ جي مدنيت’ جي ليکڪ سيد منظور نقوي ۽ ٻين جن به دوستن جو اهو خيال آهي ته، سنڌ ۾ عزاداري ميرن جي دور ۾ شروع ٿي، انهن لاءِ انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جو ڏنل هي حوالو ڪافي آهي، جنهن پنهنجي شاهڪار ڪتاب ‘روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون’ ۾ سنڌ ۾ عزاداريءَ جي دور بابت لکيو آهي ته: “ٽالپرن کان اڳ، ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾ سموري سنڌ ۾ عزاداري عام هئي ۽ علي الاعلان ٿيندي هئي”. ان بابت سيد عبدالحسين موسوي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (ولادت 1094 هجري- 1682ع) پراڻن هالن جو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وڏي پايي جو عارف ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان 32 ورهيه اڳ سن 1166 هجري- 1752ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هالا ۾ ويهي وڏي واڪي چوي ٿو ته:

“مـن انـدر مـاتـام، يـارو تـن يـتيمـن جـو،

ڪربلا جي پڙ ۾ ميان الا، اصل هو انجام،

ڪسڻ قريبن جو.“

سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ جي عروج وارو پهريون دور، ميرن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جڏهن مير فتح علي ٽالپر، ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي سن 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان ۾ لڳل جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي، ان دور ۾ سنڌ جي جديد عزاداريءَ زور وٺڻ شروع ڪيو. تعزين، پِڙن، جلوسن ۽ مجلسن ۾ اضافو آيو ۽ انهن ۾ ميرن پنهنجن عزيزن ۽ وزيرن سميت ڪارا ڪپڙا ڪري پيرين اگھاڙي پِڙن تي پهچي مجلس ۽ ماتم ۾ شرڪت ڪئي. سن 2014ع ۾ قدم گاهه  مولا علي عليه السلام تي ٿيل هڪ ملاقات ۾ ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ٻڌايو ته: “سنڌ ۾ پهريون تعزيو سنه 1786ع ۾ مير فتح علي پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان جوڻيجي کي حڪم ڏئي تعمير ڪرايو. اهو تعزيو موجوده فقير جي پڙ ۾ رکيل هوندو هو، جيڪو سن 1863ع ۾ تعمير ٿيل مرزا فتح علي بيگ جي قديمي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾ رکيل آهي. هن امام بارگاهه جي ٻيهر سن 2016ع ۾ مرمت جو شرف مونکي (ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر کي) حاصل ٿيو”. مير فتح علي ٽالپر جي زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ پوري ٿيندڙ آرزوءَ بابت سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته: “مير فتح علي خان 10 محرم 1217 هجري تي انتقال ڪيو. جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري ٿي. مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اِها نويد کيس ملي ۽ شهزادو گھرائي ڏٺائين، بوسو ڏيئي، دعا گھري، پوءِ پاڻ دم ڏنائين.“

سنڌ ۾ ماتمي جلوس پهرين يا حسين عه هاءِ حسين عه جي درد ڀرين صدائن سان شروع ٿيو، جيڪو ڪجهه وقت کانپوءِ پِڙن تي اوسارن،  شاهه لطيف رح جي وائي ۽ پوءِ سيد ثابت علي شاهه جي سرجيل مرثين بعد نوحه خوانيءَ سان شروع ٿيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ جو دور شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي اوج ماڻيو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي.

ڪربلا جي ڪوس خلاف هر دور ۾ بلند ٿيندڙ ڀرپور آواز کي چئبو ئي آهي عزاداري. ان سوڳ کي سڄي سنڌ جي وک وک تي انهن ايامن کان ملهايو پيو وڃي، جڏهن مصر کان موٽندڙ سنڌي غير مسلم وڻجارن کي فرات جي ڪناري تي سُڌ پئي رهي ته اهلِ بيت سان وير رکندڙن گڏجي حضرت محمد مصطفيٰ صه جي پاڪ ۽ پوتر گهراڻي کي هن رڃ ۽ سڃ ۾ بکيو ۽ اڃيو ڪٺو آهي. جيئن جيئن اهي مسافر وڻجارا شهيدن بابت پيرائتي ڄاڻ وٺندا ويا، تيئن تيئن انهن جي من جي مانڌاڻ، روح جي تڙپ، رت جي رفتار، دل ۽ دماغ جي هلچل ۾ واڌ ٿيندي وئي. هي ته خالص انساني الميو هو، جنهن ۾ هاشمين جا چنڊ ڪٺا، مستورات بي پرده ٿيون. خيما ساڙيا ويا، قيدين کي خالي پٺن وارن اٺن تي سوار ڪيو ويو. پوءِ آئي شامِ غريبان ۽ ان کانپوءِ ڪوفي جي بازار …… ها اهو ڪربلا جو قصو مختصر ترين آهي. شامِ غريبان کان گهڻو مصائب ان سفر ۾ به آهي، جيڪو مديني کان شروع ٿي مڪي تائين پهچي ٿو ۽ مڪي کان ڪربلا تائين شهادتن جي هڪ هانءَ ڏار تاريخ آهي. حضرت مسلم بن عقيل کان اسان زندانِ شام کي وساري نه ٿا سگهون. پوءِ سنڌ جي حسيني برهمڻن ٿر پاسي وڃي تڏو وڇايو. تعزيتون ڪيون. اها سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ابتدا هئي ۽ ٿورو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ لٽيل سادات جو پهريون قافلو مهراڻ جي موجن ذريعي پهتو. تڏهن انهن غير مسلم سنڌين انهن جي گهوڙن جي سُنبن جي مِٽيءَ کي مُنهن تي ملي، ان مِٽيءَ کي تبرڪ طور پاڻ وٽ محفوظ ڪيو. ڪربلا جي واقعي جا اطلاع سنڌ ۾ جتي جتي پهتا، اتي گهر گھر ماتم برپا ٿيو. ائين هر اک آلي ٿي ۽ سنڌ هر هنڌ کليل عزا خانو بڻجي وئي. انهن عزادارن ۾ مذهب رنگ، ڌرم، نسل، ڄمار طبقي ۽ چاهت جو ڪو به قيد ناهي۔