ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران سنڌ حڪومت صوبي ۾ عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ قانون واري نگران وزير عمر سمرو وڪيلن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ ڪري رھيا آھيون، ان حوالي سان سمري نگران وڏي وزير ڏانھن اماڻيندس، لائيو اسٽريمنگ ذريعي خبر پوندي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي؟ ھن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته وڪيل برادري جا مسئلا حل ڪيا وڃن، اسان کي پنهنجي ٻارن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن، وڪيل برادري پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي، بار کي ڪتاب ۽ ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، نگران وزير وڌيڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي قيادت ۾ بار ۽ سنڌ جي عوام جو اعتماد بحال ٿيندو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اڳواڻي ۾ روشنيءَ جي اميد نظر اچي رهي آهي.