ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اليڪشن ڪميشن صوبائي سيڪريٽرين، ڊويزنل توڙي ضلعي عملدارن کانسواءِ عام ملازمن جي بدلين تان پابندي هٽائي ڇڏي، بدلين جا اختيار چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين حوالي، سيڪريٽرين، ڊائريڪٽر جنرلز، ايم ڊيز، ڪمشنرن، ، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان مشروط ڪيون ويون ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت هڪ مهينو اڳ بدلين ۽ مقررين تي لاڳو ٿيل پابندي اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانپوءِ هٽائي ڇڏي آهي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي سفارش کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران فيلڊ آفيسرن ۽ کاتن توڙي ماتحت ادارن جي سربراهن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ اليڪشن ڪميشن جي حتمي منظوري لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته عام بدلين جا اختيارين سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڏانهن خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته 20هين گريڊ جي صوبائي سيڪريٽرين، ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊائريڪٽر جنرلز، ايم ڊيز، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز جي بدلين ۽ مقررين لاءِ اليڪشن ڪميشن کان لازمي اجازت ورتي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي حتمي منظوري کان پوءِ ئي سندن بدليون ۽ مقرريون ڪيون وڃن، جڏهن ته 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽرين، 18هين گريڊ جي ڊپٽي سيڪريٽرين، 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسرن سميت اليڪشن سرگرمين سان غيرلاڳاپيل سمورن عملدارن ۽ ملازمن جي بدلين ۽ مقرري لاءِ اليڪشن ڪميشن کان اجازت وٺڻ لازمي ناهي، واضح رهي ته سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ ٺهڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تحت سنڌ ۾ سمورين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو ٿيل هئي،