ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عاشوري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، 9 ۽ 10 محرم جي سلسلي ۾ سنڌ اندر 8 ۽ 9 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورا سرڪاري ادارا محرم جي موڪلن کانپوءِ اربع 10 آگسٽ کان کلي ويندا.