ڪراچي ( رپورٽ: نظير ميمڻ ) نگران گهرو وزير  برگيڊيئر (ر) حارث نواز سنڌ ۾ طالبان ۽ ٽي ٽي پي موجود هئڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مقرر ڊيڊ لائين ( 31 آڪٽوبر) کانپوءِ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪليو ويندو، 65 سيڪڙو نوجوان نشي جا عادي بڻجي ويا آهن، گٽڪي ۽ ماوا سميت منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به پرڏيھين کي رھڻ جو حق ناھي ھوندو، حڪومت فيصلو ڪيو آھي جيڪو به غير قانوني طريقي سان پاڪستان ۾ رھندو، ان کي واپس پنهنجي ملڪ موڪليو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽيم ٺاھي آھي، جنھن به غير قانوني پرڏيھي کي پڪڙبو، انھي جا ڪاغذ ڏسي ڪارروائي ڪئي ويندي، جن وٽ پئسا نه ھوندا، انھن کي بسن ذريعي افغان بارڊر تي ڇڏيو ويندو، ڀارتي شهرين کي  وري ريل ذريعي واگھا بارڊر تي موڪليو ويندو، هن چيو ته 2000 کان 2022ع  تائين 530 ماڻھو پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس وڃي چڪا آھن، تازو 2371 ماڻھن کي پنھنجن ملڪن ڏانھن ڊي پورٽ ڪيو ويو آھي، گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جا 65 سيڪڙو نوجوان نشي جا عادي بڻجي چڪا آهن، انهي ڪري گٽڪي ۽ ماوا سميت سڀني منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن، هن چيو ته غير قانوني ڊيزل ۽ آئل وڪرو ڪندڙن کي به بخش نه ڪبو، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ آپريشن ۾ دوران وڏي مقدار ۾ ھٿيار ھٿ ڪيا آھن، ڪچي ۾ جنھن به وڏيري جي چرچ تي پوليس وارو يا ڪو شهري اغوا ٿيندو، انھي وڏيري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جتي سھولتڪار ھوندو، اتي رينجرز ۽ پوليس گڏجي ڪارروائي ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ طالبان ۽ ٽي ٽي پي وارا موجود آھن جيڪي ڪي پي او ۽ سفارتخانن تي حملو ڪن ٿا، ڪراچي ۾ ڪالهه  به 3 ڦورو مارجي ويا آھن، جلد ڏوھارين جو خاتمو اچي ويندو، ان موقعي تي قانون واري وزير بئريسٽر عمر سومرو ڳالهائيندي چيو ته جيڪي به غير قانوني رھن ٿا، انهن جي پوليس سڃاڻپ ڪندي جن وٽ دستاويز نه ھوندا، انھن خلاف ايف آءِ آرز ڪاٽيون وينديون، 31 آڪٽوبر کانپوءِ غير قانوني پرڏيهي جيلن ۾هوندا.