ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران سومر 16 ڊسمبر کان صوبي ۾ پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان، 7 ڏينهن واري مهم دوران 5 سالن کان گھٽ عمر وارن هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ويندا،صوبي جي سمورن بس اڏن تي پوليو ٽيمون مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پوليو مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائين ورڪرز حصو وٺندا چيف سيڪريٽري سڀني ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته اهي والدين کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ راضي ڪن، هن عوام کي به پوليو ٽيمن سان تعاون جي اپيل ڪئي، آءِ جي غلام نبي ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته پوليو مهم دوران 24 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار پوليو ورڪرز جي حفاظت جا فرض ادا ڪندا. ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ انڪاري والدين ۽ افغان مهاجر پوليو مهم لاءِ چيلنج آهن.