اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ٻيلن جي ايراضي ڪيس ۾ سمورن صوبن ۽ وفاقي حڪومت کان  تفصيلي رپورٽس طلب ڪري ورتا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پوري دنيا ۾ ٻيلا وڌي رهيا آهن پر پاڪستان ۾ گهٽ ٿي رهيا آهن. اسان کي رپورٽ نه پر حقيقت ڏسڻي آهي. وڻ لڳرائڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 2018 کان اڄ تائين رپورٽس اچي رهيون آهن. جسٽس امين الدين خان چيو ته عوام کي بهتر سهولتون ڏيڻ حڪومتن جو ڪم آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ٻيلن جي ايراضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻي تي سرڪاري وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته اسلام آباد جي حدن جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته زيارت ۾ منفي 17 درجه حرارت ۾ ماڻهو وڻ نه ڪٽيندا ته ڇا ڪن؟ ڇا حڪومت سرد علائقن ۾ ڪو متبادل ايمرجنسي ذريعو ڏئي رهي آهي؟ سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته زيارت ۾ ايل پي جي فراهم ڪئي پئي وڃي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سنڌ ۾ ايراضي سمنڊ کائي رهيو آهي. عدالت قبضي هيٺ ۽ قبضو ختم ڪرايل ايراضي متعلق سمورن صوبن ۽ وفاقي حڪومت کان تفصيلي رپورٽس طلب ڪندي ٻڌڻي غير معينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي.