ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت 15 سالن مان گھٽائي 7 سال ڪرڻ وڏي وزير جي منظوري سان مشروط، اعليٰ سطحي ڪاميٽي اميدوار کي  5 سالن جي رعايت ڏيڻ لاءِ وزيراعليٰ کي سفارش ڪندي، 2 سالن تائين رعايت ڏيڻ جا اختيار لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين حوالي وڏي وزير جي حتمي منظوري کان پوءِ اميدوارن کي  عمر جي حد ۾ رعايت ملي سگھندي. اميدوار مجموعي طور تي 7 سال رعايت حاصل ڪري سگھندا. جڏهن ته هاڻي 35 سالن تائين جي عمر وارا نوجوان رعايت جي منظوري ملڻ بعد سرڪاري نوڪري لاءِ اهل ٿي ويندا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ سمورن سرڪاري کاتن ۽ ماتحت ادارن ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن کي مشروط طور عمر جي حد ۾ 7 سالن تائين  رعايت ڏيڻ واري پاليسي ٺاهي وئي آهي. ان حوالي سان عمر جي حد ۾ 5 سالن جي رعايت لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪرڻ لاءِ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 5 رُڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جنهن ۾ قانون کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نمائندي ۽ سروسز کاتي ايڊيشنل سيڪريٽري کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي تي ذميواري سونپي وئي آهي ته هُو اميدوارن جي درخواستن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد هر اميدوار جو ڪيس حتمي منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻيندي. جڏهن ته عمر جي حد ۾ 2 سالن تائين جي رعايت ڏيڻ جو اختيار لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميٽين کي ڏنو ويو آهي، سيڪريٽرين جي سربراهي ۾ الڳ سان قائم ڪيل ڪاميٽين کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته هُو اميدوارن جي درخواستن جو جائزو وٺڻ بعد کين عمر جي حد ۾ 2 سالن تائين جي رعايت ڏيندا. واضح رهي ته ان کان اڳ 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارن نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين  لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن تائين جي رعايت مليل هئي، جنهن تحت 43 سالن تائين جي عمر وارا نوجوان به سرڪاري نوڪرين لاءِ اهل هئا پر ڪجهه مهينا اڳ سنڌ ڪابينا پاران سرڪاري نوڪرين لاءِ سمورن نوجوانن کي ڏنل عمر جي حد ۾ 15 سالن واري رعايت ختم ڪئي وئي هئي. جنهن بعد هاڻي ٻيهر رڳو 7 سالن تائين جي مشروط رعايت ڏني ويندي. جڏهن ته اها رعايت هر اميدوار لاءِ نه پر هر ڪيس جي الڳ الڳ منظوري سان مشروط هوندي.

جنرل ايڊ منسٽريشن ۽ سروسز کاتي ۾ تڪرار: اميدوار رلي ويا

ڪراچي: جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ سروسز کاتي وچ ۾ عمر جي حد ۾ رعايت بابت درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ ايندڙ اميدوارن کان درخواستون وٺڻ لاءِ ”حد“ جو تڪرار، سروسز کاتي جي سيڪشن ٽو جي اختيارين پاران اميدوارن کان درخواستون وٺڻ بجاءِ کين واپس اماڻيو پيو وڃي! چيف سيڪريٽري پاران معاملي جو نوٽيس ئي نه ورتو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سروسز کاتي ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران اهو طئه ڪيو ويو هو ته عمر جي حد ۾ رعايت لاءِ ايندڙ اميدوارن جون درخواستون سروسز کاتي جي سيڪشن ٽو ۾ جمع ٿينديون، پر سروسز کاتي جي سيڪشن ٽو جي اختيارين پاران اميدوارن کي اهو چئي موٽايو پيو وڃي ته اهو معاملو جنرل ايڊمنسٽريشن اختيارين جو آهي، ٻنهي کاتن وچ ۾ ان ”حدبندي“ واري تڪرار سبب سنڌ جا سوين اميدوارن روزانو ٻنهي کاتن جي مختلف سيڪشنز جو چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

 

اميدوارن پاران عمر جي حد ۾ رعايت 15 سال ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي: اميدوارن پاران عمر جي حد ۾ 15 سال رعايت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سرڪاري نوڪرين جي اميدوارن پاران سوشل ميڊيا سميت مختلف پليٽ فارمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته عمر جي حد ۾ 15 سالن واري رعايت بحال ڪئي وڃي جيئن هُو سرڪاري نوڪرين لاءِ اهل ٿي سگھن.