پينشن جو نظام اڄ جي دور ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ سماجي تحفظ (Social Security) جو هڪ اهم حصو آهي. اهو ملازمن کي رٽائرمينٽ بعد مالي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي. پينشن سرڪاري ملازمن لاءِ رڳو مالي امداد ناهي، بلڪه رياست جي پنهنجي وفادار عملي سان ڪيل هڪ اخلاقي، سماجي ۽ قانوني واعدي جي مڪمل ادائيگي آهي. سنڌ حڪومت جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب هي “حق” هاڻ رياستي خزاني لاءِ بار بڻجي چڪو آهي پر ڇا صرف پينشن ئي اهڙو بار آهي جيڪو سنڌ حڪومت کي مفلوج ڪري ٿو؟
جڏهن ته ساڳي بجيٽ مان اربين رپين جون گهوٻيون لڳن ٿيون، حاڪم پنهنجي عياشين، غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن تي بي حساب پيسا خرچ ڪيا وڃن ٿا تڏهن اهي بار ڇو نٿا بڻجن؟
بجيٽ جا انگ اکر ۽ تضاد:
مالياتي سال 2024-25ع جي سنڌ بجيٽ مطابق مجموعي بجيٽ 3.056 ٽريلين روپيا هئي، جنهن مان پينشن لاءِ 267 ارب روپيا مقرر ڪيا ويا، جيڪو سڄي سال هلندڙ خرچن جو لڳ ڀڳ 14 سيڪڙو آهي. سال جي شروعات ۾ ئي 24.3 ارب روپيا صرف بقايات پينشن ۽ گريجوئٽي جي ادائيگي لاءِ رکيا ويا.
اهو ئي رجحان 2025-26ع جي بجيٽ ۾ برقرار رکيو ويو پر هن ڀيري به عوام کي اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته، “پينشن خزاني تي بار آهي” ۽ ان کي “محدود يا ختم” ڪرڻ گهرجي. نئين تجويز اها آندي وئي آهي ته رٽائر ملازم جي وفات کانپوءِ سندس گهرواري يا نياڻي کي پينشن رڳو ڏهن سال تائين ملندي پوءِ بند ٿيندي. سوال اهو آهي ته ڇا هي حڪومت واقعي عوامي نمائندگي ڪري ٿي؟ ڇا هالينڊ مان امپورٽ ٿيل خزاني جي وزير کي خبر ناهي ته اتي پينشن نظام ملازم دوست، قانوني تحفظ يافته ۽ مهانگائي سان ڳنڍيل آهي؟ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رٽائر ٿيل ملازمن کي هر سال Consumer Price Index (CPI) سان ڳنڍيل خودڪار نظام تحت واڌارو ڏنو ويندو آهي، ان جي ابتڙ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ مهانگائي جي وڌڻ سان ڪڏهن به مطابقت نه رکي آهي، مثال طور 2025ع ۾ جڏهن مهانگائي 35-40٪ تائين پهتي، ته حڪومت پينشن ۾ صرف 7٪ سيڪڙو واڌ ڪئي، ان جو حقيقي مطلب اهو آهي ته اها واڌ ناهي بلڪه مسڪين ملازمن جي پينشن مان مهانگائي موجب 20 سيڪڙو ڪٽوتي آهي، حقيقي طور تي اها پينشن گهٽجي وئي.
غير سيڙپڪاري واري نظام جو بنيادي بحران
سنڌ جي پينشن نظام جو وڏو مسئلو اهو آهي ته هي مڪمل طور تي غير سيڙپڪاري وارو ماڊل آهي (Non-Contributory, Non-Invested Model) رٽائرڊ ملازمن جي پينشن لاءِ نه ته ڪو ڪنٽريبيوٽري فنڊ آهي ۽ نه ئي ڪو سيڙپڪاري فنڊ موجود آهي. ملازمن جي پگهارن مان صرف GP Fund لاءِ رقم ڪٽي وڃي ٿي، جيڪا الڳ رکي وڃي ٿي ۽ صرف رٽائرمينٽ تي هڪ ڀيرو ملندي آهي. باقي سڄي پينشن جي رقم سڌو سنئون خزاني مان ادا ڪئي وڃي ٿي. يعني بجيٽ مان هر سال نئين رقم الڳ ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا مستقبل ۾ ناقابل برداشت بڻجي سگهي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت فعال سرڪاري ملازم لڳ ڀڳ 450,000 (چار لک پنجاهه هزار) ۽ رٽائرڊ پينشن وٺندڙ ملازم 275,000 (ٻه لک پنجهتر هزار) آهن، يعني تقريباً هر ٻن فعال ملازمن تي هڪ پينشنر موجود آهي، جيڪڏهن نئون نظام نه آندو ويو ته اهو تناسب ايندڙ ڏهن سالن ۾ وڌيڪ ڳرو ٿيندو.
ادائيگيءَ جا عملي مسئلا ۽ رياستي بيحسي
پينشن جي ادائيگيءَ ۾ 12 کان 18 مهينا دير ٿئي ٿي، جنهن سبب هزارين رٽائرڊ ملازم پينشن جي انتظار ۾ دربدر ٿين ٿا. عدالتن جي حڪمن، ملازمن جي احتجاجن، ۽ ميڊيا رپورٽن باوجود صورتحال بهتر نٿي ٿئي.تازو ملازمن کي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيل احتجاج تي بيدردي سان لٺ بازي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ پاڪستان (PLD 2013 SC 829) جي هڪ فيصلي ۾ چيو ويو ته
“Pension is not a bounty or privilege, it is a vested right of the employee.”
پر سنڌ حڪومت عملي طور ان فيصلي تي عمل نٿي ڪري ۽ پينشنر کي حڪومت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ٿي. هن کي انساني ۽ قانوني حق بدران هڪ “رعايت” سمجهيو وڃي ٿو جيڪو آئين جي آرٽيڪل 9 (زندگيءَ جو حق) ۽ آرٽيڪل 25 (برابريءَ جو اصول) جي خلاف آهي.
انشورنس جا پئسا: عدالتي حڪم باوجود ناانصافي
ملازمن جي پگهارن مان گروپ انشورنس جي ڪٽوتي ٿيندي رهي آهي جيڪا رٽائر ٿيڻ وقت ادائيگيءَ جو واعدو هوندو آهي پر سنڌ حڪومت ان بابت عدالتي حڪمن جي باوجود پيسا نٿي ڏئي، جڏهن ته پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ وفاق جي ملازمن کي ان جا پيسا ملي وڃن ٿا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي (CP No. D-542/2018) ۾ حڪم ڏنو ويو ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پيسا ڏنا وڃن پر اڃان تائين ان تي عمل نه ٿيو آهي.
رعايت يا حق؟
حڪومتي بيانن ۾ بار بار اهو چيو ويندو آهي ته پينشن “رعايت” آهي پر حقيقت ۾ اها هڪ معاهدي جي تڪميل آهي. سرڪاري نوڪري دوران ملازم کي گهٽ پگهار ڏني ويندي آهي، جنهن جو بدلو رٽائرمينٽ بعد مالي تحفظ جي واعدي ذريعي ڏنو ويندو آهي. پينشن انساني، اخلاقي، ۽ قانوني طور تي هڪ حق آهي نه ڪا سرڪار جي مهرباني آهي.
سڌاري لاءِ تجويزون
ڪيترن ملڪن جو پينشن نظام پاڪستان جي مقابلي ۾ تمام بهتر، پائيدار ۽ شفاف آهي.پاڪستان ۾ پينشن جو نظام صرف سرڪاري ملازمن تائين محدود آهي فنڊنگ جو ڪو خاص منصوبو ناهي نجي سيڪٽر يا بي روزگار ماڻهن لاءِ ڪابه رٿا ناهي تنهن ڪري هتي ڪنٽريبيوٽري ماڊل لاڳو ڪرڻ نوان ملازم، ادارا ۽ حڪومت لازمي طور ماهوار پينشن فنڊ ۾ حصو ڏين.
Sindh Pension Investment Fund جو قيام
هڪ خودمختيار فنڊ جوڙيو وڃي، جيڪو محفوظ ۽ منافع بخش سيڙپڪاري ۾ لڳايو وڃي.
ڊجيٽل پينشن پورٽل
هر ملازم لاءِ پينشن جو حساب ڪتاب، ادائيگيءَ جي تاريخ ۽ بقايا معلومات مهيا ڪئي وڃي.
CPI سان ڳنڍيل پينشن واڌارو
پينشن ۾ واڌ هر سال مهانگائي جي شرح مطابق خودڪار طريقي سان ٿئي.
عدالتي حڪمن تي عمل: گروپ انشورنس جي ادائيگيءَ بابت عدالتي حڪمن تي فوري عمل ڪيو وڃي.
قانوني تحفظ جي ضرورت
“Sindh Pension Protection Act” جوڙيو وڃي، جيڪو پينشنر جي حقن کي آئيني تحفظ ڏئي.
سنڌ ۾ پينشن جو مسئلو رڳو مالي نه پر اخلاقي، سماجي ۽ پاليسي بحران جو عڪاس آهي. جيڪڏهن فوري ۽ ذميوار قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ پينشن نه فقط خزاني تي بار بڻجندي پر سرڪاري ملازمن جي وفاداري ۽ مستقبل لاءِ به خطري جي گهنٽي هوندي. حڪومت کي گهرجي ته پينشن کي مهرباني نه بلڪه مزدوريءَ جي تڪميل سمجهي ۽ انهن حقدارن کي ان جو حق جلد ۽ عزت ڀرئي طريقي سان ڏئي.