سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ “ماحولياتي دهشتگردي” جاري آهي. انساني آبادين ويجهو اسٽون ڪرشنگ پلانٽس ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ لڳاتار عوامي احتجاجن بعد جڏهن متاثر ماڻهو پاڻ همٿ ڪري ان “ماحولياتي دهشتگرديءَ” خلاف تحرڪ ۾ اچن ٿا ته، انهن خلاف پوليس گرديءَ سميت ستم جي هر مشق آزمائي وڃي ٿي. اهڙو ئي هڪ واقعو ٺٽي ويجهو پڻ ٿيو آهي، جتي انساني آباديءَ ويجهو گدلاڻ ۽ بيماريون ڦهلائيندڙ اسٽون ڪرش پلانٽس خلاف ڳوٺ حاجي عثمان هيجب واسي مردن ۽ عورتن ڪريش پلانٽس تي پهچي احتجاج ڪندي ڳريون مشينون بند ڪرائي ڇڏيون. پلانٽس انتظاميا احتجاج ڪندڙ 400 ماڻهن خلاف 4 مختلف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن.
سنڌ ۾ ڪوهستان سميت مختلف علائقن ۾ پهاڙن کي پُرزا ڪرڻ لاءِ هزارين پلانٽس ڏينهن رات مصروف آهن، جن مان گهڻ پلانٽس انساني آبادين جي ويجهو هجڻ جي ڪري خطرناڪ بيمارين جي واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن. دز، ڌُوڙ، مٽي ۽ دونهون وڏي پيماني تي فضائي آلودگيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن. صرف اهو ئي نه پر بلاسٽنگ سبب ڀرپاسي واري آباديءَ جي گهرن ۾ ڏارَ پئجي ٿا وڃن، ماڻهن جي معمول جي زندگيءَ ۽ آرام ۾ خلل پوي ٿو. اهي ڌماڪا ايترا ته زوردار هوندا آهن، جو ماڻهن جي سماعت ختم ٿي وڃي ٿي. پکي ۽ ٻيا جانور ڌماڪن سبب جُوءِ ڇڏي ٿا وڃن. توڙي جو ماحولياتي تحفظ جو ايڪٽ موجود آهي، “سيپا” جي نالي سان سنڌ جي ماحولياتي تحفظ جو ادارو پڻ موجود آهي. سيپا جي سماعت ۽ بصارت کان محروم انتظاميا کي نه ڪرشنگ پلانٽس تي ٿيندڙ اهي ڌماڪا ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا، نه ئي انهن کي انساني آبادين ويجهو اهي پلانٽس نظر اچن ٿا. سوال اهو آهي ته، انساني آبادين ويجهو جبلن جي “ڀڃ- ڀور” لاءِ ليز ڇو ٿي ڏني وڃي. ان “ماحولياتي دهشتگرديءَ” ۾ انتظاميا به پنهنجو حصو ملائي رهي آهي. اڪثر پلانٽس تي قانونن ۽ قاعدن جون گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪرشنگ جو عمل ٿيندو آهي. توڙي جو ڪرشنگ پلانٽس تي مٽي، ڌُوڙ ۽ دز جذب ڪندڙ ڊسڪ مشين لڳائڻي هوندي آهي، جيڪو هڪ لازمي شرط آهي پر پلانٽس وارا قاعدن ۽ قانونن کي بلڊوز ڪري ٿا ڇڏين ۽ انهن کان نه انتظاميا ٿي پڇاڻو ڪري ۽ نه ئي وري ماحولياتي تحفظ جا ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا. هتي اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي مئي 2021ع واري فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ عدالت حڪم ڏنو هو ته، سنڌ جي سمورن اسٽون ڪرشنگ پلانٽس جون پرمٽون رد ڪري نئين سر نيلامي ڪري ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ معدنيات کاتي جي انتظاميا قاعدن ۽ قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرائي. اسان کي اها خبر ناهي ته ان تي ڪيترو عمل ٿيو پر اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته، جي واقعي به سختيءَ سان قاعدن ۽ قانونن تي عمل ڪيو وڃي ها ته، “ماحولياتي دهشتگرديءَ” جا اهي واقعا نه ٿين ها. هتي اسان هلندڙ سال جولاءِ ۾ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو حوالي ڏيڻ به مهلائتو ٿا سمجهون، جنهن فيصلي ۾ هريپور جي علائقي سورج گلي ۾ ڪرش پلانٽ بند ڪرائڻ جو حُڪم ڏنو ويو هو. جسٽس منصور علي شاهه جي لکيل ان فيصلي ۾ چيو ويو هو ته، 9 مان هڪ موت فضائي گدلاڻ سبب ٿي رهيو آهي. W.H.O جي انگن اکرن موجب، هر سال دُنيا ۾ 70 لک ماڻهو فضائي گدلاڻ سبب فوت ٿين ٿا. (اهي ٽي سال اڳ جا انگ اکر آهن، هاڻي ته صورتحال ان کان به وڌيڪ خراب هوندي). ڄاڻايل عدالتي فيصلي ۾ اهو پڻ چيو ويو هو ته، صاف ۽ شفاف ماحول ۾ رهڻ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي.
توڙي جو مختلف وقتن تي ڏنل عدالتي فيصلا پڻ موجود آهن، ماحولياتي تحفظ بابت قانون به موجود آهن پر سنڌ انتظاميا ۽ ان جا ذميوار ادارا انهن قانونن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ٺٽي جي ڳوٺ حاجي عثمان هيجب جي رهواسين جي احتجاجن تي ڌيان نه ڏنو ويو، انهن کي ماحولياتي دهشتگرديءَ کان بچائڻ لاءِ رياست ڪو ڪردار ادا نه ڪيو، جنهن ڪري ماڻهن پاڻ تحرڪ وٺي ٽي ڪرشنگ پلانٽس بند ڪرايا. ڌماڪن سبب ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ ڏارَ پئجي چڪا آهن، ڌماڪا ايترا زوردار هوندا آهن جو ماڻهو هر وقت پاڻ کي جنگ جي ميدان ۾ بيٺل محسوس ڪن ٿا. اهي ڌماڪا ڪيترا هاڃيڪار آهن، جنهن جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته، ڳوٺ رمضان هيجب جي مڊل اسڪول جي ڇِت ڌماڪن سبب ٽُٽي وئي آهي، جنهن ڪري اتي تدريسي عمل بند آهي پر ‘سنڌ وطن’ واري وزير اڃان تائين ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي.
اسان اها گُهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته، سڄي سنڌ ۾ انساني آبادين ۽ شاهرائن ويجهو اسٽون ڪرشنگ پلانٽس بند ڪرايا وڃن ۽ ٻين پلانٽس تي به قانونن ۽ قاعدن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ٺٽي لڳ ڳوٺ حاجي عثمان هيجب جي ڳوٺاڻن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ پلانٽس مالڪن تي فضائي گدلاڻ ڦهلائڻ جي ڪري “ماحولياتي دهشتگرديءَ” جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ماحولياتي تحفظ لاءِ ذميوار اداري “سيپا” جي سماعت ۽ بصارت کان محروم عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کان پڻ پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي.