ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته صوبي ۾ فصلن، جانورن ۽ زرعي مشنري جي شماري شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 10 فيبروري تائين جاري رهندي، زرعي شماري سان اندازو لڳايو ويندو ته ملڪ ۾ خوراڪ جي پيداوار ڪيتري آهي؟ هاري ۽ آبادگار ڪھڙن مسئلن کي منهن ڏئي رھيا آھن؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ستين زرعي شماري لاءِ 1695 انيوميريٽرز ۽ سپروائيزرز کي تربيت ڏني وئي آھي. هن وقت ڪپهه، ڪمند، چانور، ڪڻڪ، زرعي مشنري، جانورن، کير، هارين ۽ آبادگارن  توڙي سندن آمدني جي شماري ڪئي پئي وڃي.