سنڌ ۾ زبون حال عمارتن جي رهواسين کي لڏائڻ جو اعلان: بلڊنگ ڪنٽرول عملدار ذميوار قرار

0
27
لياري سانحو: خطرناڪ عمارتن خلاف آپريشن شروع : بلڊنگ ڪنٽرول جي آفيسرن جا اثاثا طلب
لياري سانحو: خطرناڪ عمارتن خلاف آپريشن شروع : بلڊنگ ڪنٽرول جي آفيسرن جا اثاثا طلب

ڪراچي: مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته غيرقانوني عمارتن کي روڪڻ جي ذميواري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آهي، سائوٿ ضلعي جي  سمورن آفيسرن کي معطل ڪيو اٿئون. غلط ڪم ۾ ڪنهن جو به دفاع نه ڪندس، اداري ۾ جيڪي خرابيون آهن، انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان پيو. صوبي جي زبون حال عمارتن ۾ رهندڙن جون جانيون بچائڻ لاءِ شايد ڇت کسڻي ئي پوندي، شهرين کي به اپيل ڪريون ٿا ته تعاون ڪن، ڇاڪاڻ ته گھر کان حياتي وڌيڪ قيمتي آهي ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته غير قانوني اڏاوتن تي بلڊرن ۽ آفيسرن خلاف مختلف وقتن تي ڪيس به داخل ٿي چڪا آهن، اهو به مڃان پيو ته اٿارٽي جا آفيسر به ملوث هجن ٿا پر موجوده مڪينزم تحت غيرقانوني تعمير کي روڪڻ ممڪن ناهي. حڪومت وٽ وسيلا محدود آهن. هن چيو ته لياري جي ڪِريل عمارت اڳ ئي خطرناڪ قرار ڏنل هئي، 2 جون 2023ع تي عمارت کي خالي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، مختلف وقتن تي ايس بي سي اي عملو عمارت خالي ڪرائڻ ويو هو، پر رهواسين عمارت خالي نه ڪئي. هن چيو ته ننڍن پلاٽن تي 22 يا 24 فليٽ به ٺاهيا وڃن ٿا، اهڙن مسئلن جي حل لاءِ اجلاس به ٿيا هئا، هاڻي حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ تيزي آڻينداسين. شهرين کي به اپيل ڪريون ٿا ته تعاون ڪن، ڇاڪاڻ ته گھر کان وڌيڪ حياتي قيمتي آهي. اهو به مڃون ٿا ته ماڻهن پئسا گڏ ڪري ملڪيتون ورتيون ۽ گھر ٺهرايا پر حياتي وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته اسان جو شهر تباھ ٿي رهيو آهي، 100 والن جي پلاٽن تي 5 ماڙ عمارتون اڏي 22 کان 24 فليٽ ٺاهيا وڃن ٿا، هن چيو ته ڪراچي ۾ هزارين عمارتون غيرقانوني تعمير ٿيل آهن، اسان چئون ٿا ته شهري غيرقانوني ٺهيل عمارتن ۾ گھر يا فليٽ خريد نه ڪن.