ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ نظام کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ 25 مارچ کان آن لائين فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ درخواست ڏيڻ جي سهولت شروع ڪئي آهي. پڌرائي موجب شروعاتي مرحلي ۾ ڪراچي جي 2 نون فٽنيس سينٽرن ذوالفقار آباد آئل ٽينڪر ٽرمينل (ملير) ۽ ابراهيم حيدري (ڪورنگي) ۾ ڪمرشل گاڏين جي فٽنيس چڪاس جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جتي ماهرن جي ٽيمن پاران گاڏين جو معائنو ڪرڻ بعد موٽر وهيڪل انسپيڪٽر فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿا، هن چيو ته روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو نظام، ادائيگين ۽ آمدني جي رڪارڊ جي خودڪاري، پيپر فري آفيسن جو ماحول، آمدني ۾ واڌ ۽ جعلي دستاويزن جي خاتمي جهڙا اهم هدف حاصل ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڪراچي سميت صوبي جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ به وڌيڪ سينٽر قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته آن لائين سسٽم ذريعي روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جو اجرا هاڻ شفاف ۽ قابلِ اعتبار بڻجي ويو آهي.