سنڌ ۾ دريائي ٻوڏون ۽ اِدارتي جوڙجڪ (2)

0
111
ٻوڏ-جي-پاڻي-۾-چيٽ-جو-فَصُل

   هن سال جي ٻوڏن هر ڪنهن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪهڙي ڪهڙي قسم جون ٻوڏون اچي سگهن ٿيون، ان جا سبب ڪهڙا آهن ۽ ان جا نقصان ڪيترا وڌيڪ ۽ ڪيئن ٿي ٿا سگهن. هن دفعي ڪاچي ۽ ڪوهستان ۾ فليش ٻوڏون ( جبلن تان تيزي سان لهندڙپاڻي) شهرن ۾ شهري ٻوڏون، درياءَ ۾ ڪچي جي ٻوڏ، زمينن ۽ وسندين ۾ گهڻي مينهن پوڻ جي ڪري ڊرينيج جي ٻوڏ ۽ خيرپور ناٿن شاهه جهڙن شهرن ۾ بندن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ آئي. سنڌ ۾ ان کانسواءِ سامونڊي پٽي ۾ سامونڊي طوفان جي ڪري ٻوڏ پڻ ايندي آهي، جيڪا پڻ انتهائي تباهه ڪن هوندي آهي ۽ اسان ويجهڙائي ۾ 1999ع ۾ ان جي تمام گهڻي تباهي ڏسي چڪا آهيون. ان مان دريائي ٻوڏ جو ذڪر ڪري ان کي منهن ڏيڻ جي طرز حڪمراني (Governance) ۽ ادارتي جوڙجڪ (Institutional setting) جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين.

                 دريائي ٻوڏ:تاريخي طور تي سنڌ کي جيئندان ڏيندڙ درياءِ سنڌ پاڻي جا وشال وهڪرا کڻي ٻوڏون آڻيندو رهيو آهي. اِها ٻوڏ نه صرف درياءِ سنڌ جي پنهنجي وهڪري سان گڏ هوندي هئي پر ان جا جٿي جٿي ڦاٽ هوندا هئا ته انهن ۾ پڻ ٻوڏون ۽ پاڻيءَ جون ڇرون اينديون هيون. بئراج سسٽم ٺهڻ کانپوءِ درياءِ سنڌ جي ٻنهن ڪپن کان بندن جو ڄار وڇائجي ويو ۽ کيس قابو ڪري سمنڊ تائين پهچائڻ جي ڪم کي ئي دريائي ٻوڏ جي انتظام ڪاري سمجهيو وڃي ٿو. درياءَ جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي سائنس ۽ آرٽ تقريبن ڏيڍ سؤ سالن کان آبپاشي کاتو سکندو رهيو آهي. خاص ڪري سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ بندن ۾ واڌارو ايندو رهيو، 70 واري ڏهاڪي ۾ ايندڙ مها ٻوڏن جي ڪري فيڊرل فلڊ ڪميشن ٺهي ۽ اڃان بندن جي وڌيڪ واڌ ويجهه ٿي. دريائي ٻوڏ کان بچڻ جي جيڪا هن وقت تائين حڪمت عملي آهي، ان کي ٻوڏ تي ضابطو يا ٻوڏ کان بچاءُ (Flood Control or Flood defense) چئجي ٿو. اِهو سسٽم سڄي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ پڻ رائج هو . خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا تجربن ۽ مشاهدن مان سکيا ته ٻوڏ کي مڪمل طرح ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، کڻي ڪيترا به وڏا بند ٺاهجن تنهن هوندي به ٻوڏون اينديون. ان ڪري پوئين صدي جي آخر ۾ ئي ٻوڏ تي مڪمل ضابطي جي جاءِ تي ”ٻوڏ جي خطرن جي انتظام ڪاري“ Flood Risk Management جي فلسفي کي ذهن ۾ رکي پاليسي، قانوني، ادارتي ۽ زميني تبديليون ڪيون ويون. انساني زندگين ۽ مال ملڪيت کي بچائڻ لاءِ ٻوڏ تي ضابطو ضروري آهي پر ڇاڪاڻ ته ٻوڏن تي مڪمل ضابطو ناممڪن آهي. ان ڪري ٻوڏن جي خطرن کي سوچيندي ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ان جي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو. مثال طور سنڌ ۾ گڊو بئراج وٽ يا سکر بئراج وٽ ٻوڏ جو پاڻي 14 لک ڪيوسڪ کان وڌي ٿو وڃي ته ڇا صرف بندن کي مٿي ڪيو وڃي؟ يا ڪو ٻيو رستو پڻ ٿي سگهي ٿو. آبپاشي کاتي هڪ اسٽڊي ڪرائي هئي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته تقريبن ٻن لکن تائين (ڪيوسڪ) جو وهڪرو ٻوڏ جي پاڻي لاءِ واهه ڪڍي درياءِ سنڌ تان بار هٽائي سگهجي ٿو. درياءِ سنڌ کي ڪيترن ئي جاين تي ٻي بند جي لائين پڻ ڏنل هئي. جڏهن کان پٿرن جي فرش (Stone apron) ۽ پٿرن جي پچنگ جي ڊزائين آئي ته ٻي لائين تي ڌيان گهٽ ٿيندو ويو. سنڀار گهٽ ٿيڻ جي ڪري انهن تي يا ته قبضا ٿي ويا (جيئن قاسم آباد ۾) يا وري ان جي حالت اڳي کان ابتر ٿي وئي. موسمياتي ڦير گهير کي نظر ۾ رکندي اسان کي ٻي بندن جي لائين کي بحال ڪرڻو پوندو. منهنجي اها ڳالهه گهڻن کي ناممڪن لڳندي پر جيڪي شيون سنڌ جي جياپي لاءِ اڻٽر آهن، انهن تي ڪم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. سنڌ ۾ درياءَ تي ڪٿي به هٿ سان ڪٽ ڏيڻ واري سيڪشن (Breaching Section) نه آهن، جيئن پنجاب ۾ ڪجهه دريائن تي آهن. ان جو بنيادي سبب اِهو آهي ته سنڌو درياءَ سنڌ اندر Ridge تي وهندو آهي، يعني سنڌ جي زميني سطح کان مٿي وهندو آهي ۽ خدا نه خواسته ڪٿان به ٽٽو ته پوءِ وري ورائي واپس درياءَ ۾ پاڻي نه ايندو، جيئن اسان 2010ع واري ٻوڏن ۾ ڏٺوسين ته ٽوڙهي کان ٽٽڻ کانپوءِ اچي منڇر تي دنگ ڪيو هئائين. ان مان مُراد آهي ته درياءَ جي واڌو پاڻي کي اسڪيپ وارن /ٻوڏ وارن واهن مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ شايد سنڌ مستقبل ۾ ٻوڏن جي وڏين تباهين کان محفوظ ٿي نه سگهندي.

ڪچي ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ اڏاوتي تبديليون پڻ درياءِ سنڌ جي ٻوڏن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهيون آهن. سنڌ جي ڪچي جي پکيڙ 20 لک ايڪڙن کان مٿي آهي، ان ۾ ٻيلن جي زمين تقريبن 6 لک ايڪڙ آهي، زرعي زمين تقريبن ڏهه لک ايڪڙ هجڻ کپي ، باقي پکيڙ ۾ درياءَ جو بنيادي وهڪرو، ڳوٺ، قبرستان ۽ ڍنڍون وغيره آهن. پر هاڻ ان بنيادي مساوات ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آهي. ٻيلا پاڻي جي گهٽتائي، وڌندڙ آدمشماري ۽ ليزن ۽ ٻين ذريعن جي ڪري سِڌا ڪيا ويا آهن ۽ زرعي زمينون ٿي پيون آهن. ڪچي ۾ آبادي پڻ وڌي وئي آهي ۽ ان جي اقتصادي حيثيت پڻ تمام اهم ٿي وئي آهي پر ان سموري صورتن جي باوجود جيڪڏهن ٻوڏن کان بچاءُ ڪرڻو آهي ته ٻيلن کي وري کان آباد ڪرڻو پوندو. ڌاڙيلن جي فطري يا هٿرادو سبب کي بنياد بڻائي رهيل ٻيلا پٽ ٿي رهيا آهن/ ٿي ويا آهن، ان کي ملڪي / صوبائي سلامتي جي ادارن کي چڱي ريت ڏسڻو آهي. ٻيلا درياءِ سنڌ لاءِ ان ڪري اهم آهن جو اِهي درياءَ جي ڪٽاءُ/ کاڌ کي روڪين ٿا. ڪچي ۾ ٿيندڙ ترقي، عمارتون ۽ فصل پڻ اهڙي قسم جا هجڻ کپن ته جيئن پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ نه ٿئي. ٻيو اِهو ته ڪٿي به ڪچي جي ويڪر کي گهٽ نه ڪيو وڃي. حيدرآباد، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ بندن سان گڏ ۽ ڪچي (ڪوهسار/ گنجي ٽڪر جي ڀرسان) رهائشي اسڪيمون جوڙيون پيون وڃن. سيڊا ان ڏس ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن پر ڪنهن به هڪ ادارتي سگهه کان هي ڪم وڌيڪ آهي، ان تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. ڪچي ۾ جڙندڙ سرڪاري/ غيرسرڪاري عمارتن کي مختلف ٻوڏ جي صورت ۾ پاڻي جي سطحن کي ذهن ۾ رکي ٺاهيو وڃي. هن ٻوڏ ۾ ڪافي ماڻهن ڪچي جي اسڪولن ۽ ٻين عمارتن جا فوٽو ۽ وڊيو شيئر ڪيا، اِها ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته پلاننگ ڪندي اسان کان ڪوتاهي ٿي آهي، جنهن کي گهڻو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ درياءِ سنڌ جي ٻوڏن جي باري ۾ اڳواٽ ڄاڻ جو سرشتو (Early warning system) گهڻو بهتر آهي. آبپاشي کاتو، سيڊا، پاڪستان جو موسمياتي کاتو، ارسا، واپڊا سڀ کاتا گهربل معلومات ڏيندا آهن، ان ۾ سنڌو ۾ ڪرندڙ اهي نيون جيڪي ڏکڻ پنجاب ،بلوچستان ياسنڌ ۾ جبلن تان وهي اچن ٿيون، ان جي پاڻي جي مقدار معلوم ڪرڻ جو مضبوط نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڻي جو اندازو لڳائي سگهجي.

پاڻي جي معلومات لاءِ سيڊا جو جي آءِ ايس سيل هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. عالمي بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ ۾ ٻوڏن جي حساب سان فيصله سازي جو سهڪاري سرشتو (Decision Support System) جڙيو آهي. ان کي ادارن ۽ ماڻهن جي پهچ لاءِ آسان ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن سسٽمن جي نتيجي ۾ درياءَ جي پيٽ ۾ جيڪا به تبديلي، قبضا يا ٻيا ڪي اهڙا عمل ڏسڻ ۾ اچن جيڪي درياءَ جي وهڪري ۾ رنڊڪون وجهندڙ هجن، ان کي يڪدم آشڪار ڪري ختم ڪيو وڃي.

درياءِ سنڌ تي حڪومت ڪافي نيون پُلون جوڙايون آهن، جيڪو فاصلا گهٽائڻ ۽ ڪاروبار وڌائڻ لاءِ اهم ڪم آهي پر ڇاڪاڻ ته پلن جو مايو (ويڪر) درياءَ جي پيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ رکي ويندي آهي ان ڪري اتي پاڻي جي روڪ ٿئي ٿي ۽ پوين بندن تي تمام گهڻو پريشر پوي ٿو.

تاريخي طور سنڌ جو آبپاشي کاتو تجربي، هنر ۽ ڏانءَ جي حساب سان دريائي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي بهتر مهارت رکي ٿو. جيئن سنڌ جي ٻين ادارن جي پوين ڪجهه ڏهاڪن ۾ صلاحيت واري ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، ان جا اثر هن کاتي تي پڻ پيا آهن. پر پنهنجي ڪمزورين جي باوجود موجوده حالتن ۾ سيڊا، ايريگيشن کاتو دريائي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ ۾ دريائي ٻوڏن کان بچاءُ، ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جو علم ۽ تجربو آبپاشي کاتي جي بند مينوئل جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن کي نئين سر، دنيا ۾ ٿيندڙ ٻوڏ جي انتظام ڪاري ۾ ترقي ۽ 2010ع ۾ ان کانپوءِ واري ٻوڏن جي حساب سان واڌاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ دريائي بندن جي لاءِ هڪ پراجيڪٽ سوچيو ويو هو، جنهن ۾ بندن سان روشني/ بجلي جو انتظام ۽ روڊ ٺاهڻ جو سوچيو ويو هو، اهڙي ڪنهن وڏي منصوبي جي باري ۾ سوچي سگهجي ٿو.

دريائي ٻوڏ جي لحاظ کان ان جي انتظامي سگهه، جدت ۽ دنيا جي تجربن جي بنياد تي ادارتي نواڻ ۽ اڏاوت ڪرڻ جي ضرورت آهي. عام حالت ۾، سماج سرڪاري کاتن تي اعتبار ڪونه ٿو ڪري. ان جا سبب ڪيئي ۽ پاڪستان ٺهڻ جيترا پراڻا آهن. انساني جانين، انهن جي ملڪيتن ۽ ڪاروبارن سان ڳانڍاپيل جيڪي به سرڪاري کاتا / ادارا آهن،

ان جي ساک بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن کاتن ۾ سفارش، ويزا، بٽئي، ڀائيواري، وڏن جي ونڊ، ننڍن جي نوڙت، آڊٽ جو آشيرواد، اينٽي ڪرپشن جا اَنومانن مان نڪري هڪ کُليل نظام ڏانهن پير وڌائڻا پوندا جنهن ۾ بهتر پگهارون، سهولتون، معاشرتي عزت سان ادارا به اڳتي وڌن ته ڪم به بهترين ٿين. ان پهلو تي جدا ۽ بلڪل صاف ڪري لکبو ته جيئن هن ٻڏل سنڌ جي ڪک مان هڪ نئين نڪور اُميد ، سچائي ۽ ترقي واري سنڌ جو بنياد پئجي سگهي.