ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي نوڪرين تي پابندين ۽ ڪيس عدالتن ۾ هلڻ جي ڪري ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ سنڌ سرڪار پاران نوڪرين جي لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏني وئي آھي جيڪا سي ايس ايس ۽ پوليس جي نوڪرين تي لاڳو نه ھوندي. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سيوھڻ حادثي تي پنجاب جي اطلاعات واري وزير سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس بيان مان لڳي ٿو تھ کيس شين جي خبر ناهي پنجاب جي وزير اعليٰ ۽ وزير اطلاعات ھوم ورڪ ڪرڻ کان سواءِ بيان ڏيندا آھن، سيوھڻ وارو روڊ، سکر ۽ حيدرآباد روڊ به نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جا آھن، سيوھڻ روڊ تي روزانساني حياتين جو نقصان ٿئي ٿو، سنڌ سرڪار ست ارب رُپيا بھ ڏنا، پر اڃا تائين روڊ ناھي ٺھيو. قومي شاھراھن تي حادثا ن ليگ جي نااھلي آھي، وفاق ۾ سڀني کان وڌيڪ حڪومت مسلم ليگ ن جي رھي آھي، جيڪڏھن روڊ مڪمل ناھن ٿيا تھ اھا ن ليگ جي وفاقي حڪومت جي نااھلي آھي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير جڏھن تقرير ڪندي آھي تھ کيس اھو سمجھڻ گھرجي ته جواب به ايندو ۽ اسان ڪوڙيون ڳالھيون نھ ڪندا آھيون، اسان اوھان کي رڳو سچ ٻڌائيندا آھيون، پيپلز پارٽي وٽ سنڌ جو حقيقي مينڊيٽ آھي، عوام پيپلز پارٽي جي ڪم کي ساراھي ٿي، اوھان جو مينڊيٽ ۽ اوھان جي خدمت سڀني کي معلوم آھي. هن چيو ته پ پ ن ليگ جو ساٿ شوق سان ناهي ڏنو جمهوريت لاءِ غيرمشروط حمايت ڪئي. بليڪ ميل نه پر صوبي جو حق گهري رهيا آهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ليڊر جيل ۾ ويٺل آھي تھ اھا پي تي آءِ جي سيڪنڊ ٽيئر جي اڳواڻن جي مھرباني آھي، انھن نھ رڳوعوام کي گمراھھ ڪيو، پر عمران خان ملڪ کي بين الاقوامي طور تي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ، ملڪ ۽ ملڪي ترقي کي نقصان پھچائڻ آھي، اڪيلو عمران خان ئي نھ پر پوري پي ٽي آءِ اُن ۾ ملوث رھي آھي.