سنڌ ۾ جونيئر آءِ جي پوليس رفعت مختار جي مقرريءَ تي سينيئر آفيسرز احتجاج طور موڪل تي روانا ٿي ويا آهن، اي آءِ جي فرحت جوڻيجو چارج ڇڏي ڏني
اي آءِ جي انويسٽيگيشن منير شيخ ۽ اي آءِ جي عمران يعقوب منهاس به موڪل تي روانا ٿي ويا آهن، سينيئر آفيسرز جي موڪل تي روانگي سبب پوليس ۾ وڏو بحران ٿي ويو آهي
ذريعن موجب سينيئر پوليس آفيسرز پاڻ کان جونيئر آءِ جي پوليس جي ماتحت ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي
سينيئر آفيسرز جي کوٽ سبب ڪراچي پوليس جي سربراهه خادم رند کي اي آءِ جي سي ٽي ڊي، اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ اي آءِ جي اسپيشل برانچ جون 3 اضافي چارجون ڏنيون ويون
ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر زبير دريشڪ کي ڊي آءِ جي فنانس ۽ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ جون اضافي ذميواريون به ڏنيون ويون
ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ عبدالقادر قيوم کي اي آءِ جي انويسٽيگيشن ۽ اي آءِ جي آپريشنز جون اضافي ذميواريون به ڏنيون ويون، ذريعن موجب ٻين صوبن مان جلد سينيئر آفيسر بدلي ڪري بحران ختم ڪيو ويندو