عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) ٻاروتڻ کان جوڀن جواني تائين سنڌ جي ھر ڳوٺ ۽ واھڻ وستي ۾ کيڏيون ويندڙ تاريخي ۽ ثقافتي رانديون پنھنجو وجود وڃائي ويون ڳوٺن جا گرائونڊ چونڪ چوراھا ۽ اڱڻ اوطاقون تاريخي ثقافتي خوبصورتي کان خالي رھجي ويا ملھ ملاکڙا به صرف ميلن تائين محدود ثقافت کاتي سنڌ پاران راندين توڙي رانديگرن جي ڪا واھر نه ٿي سگھي ڪيترائي رانديگر بيمارين جي بسترن ڀيڙاٿي لاوارثي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا تفصيلي رپورٽ موجب سنڌ جي خوبصورت ۽ حسين باغن ٻنين فصلن ۽ تھذيبي منظرن سان جڙيل شاھوڪار سنڌ جي ٻھراڙين ۽ ڳوٺن توڙي واھڻ وستين جي مالڪي ۽ وارثي نه ٿيڻ جي ڪري ھڪڙو حسين ۽ صحتمند پسمنظر رکندڙ سنڌ جو منظرنامون ئي مٽجي ويو آھي ھاڻڪٿي به سنڌ جي تاريخي راند ونجھ وٽيڪوڏيڪوڏي لڪ لڪوٽي اٽيڏڪرڀرچر نوکوڻي راند سميت ڪٿي به اھي تاريخي ثقافتي رانديون ٿيندي نظر نٿيون اچن جڏھن ته ملھ ملاکڙو جھڙي ثقافتي زور آزمائي واري صحتمند راند به رڳو تاريخي ثقافتي ميلن ملاکڙن جي مقرر ٻن يا ٽنڏھاڙن تائين محدود رھجي وئي آھي عملي طور تي مسلسل ۽ روزاني جي بنياد تي صبح توڙي شام واري وقت ۾ اھي رانديون ڪو زمانو ھيو جو ڳوٺن ۾ عام طور لازم حصي ۽ سرگرمي طور موجود ھونديون ھيون پر ھاڻ اھي رانديون بس ھڪڙو خواب بڻجي رھجي ويون آھن جڏھن ته ونجھ وٽي راند ته مڪمل طور بند ٿي وئي آھي ۽ ڪٿي به نه پئي کيڏي وڃي ساڳي ريت ڪوڏيڪوڏي راند به ھاڻ جھڙوڪر ورلي ۽ ڪڏھنڪڏھن گھڻي وقت بعد ڪٿي نظر اچي ٿي جڏھن ته ملھ پھلواني جا جلوا ڏيکاري مڃتا ماڻيندڙ ملھ پھلوان به آھستي آھستي مايوس ٿي خاموشي اختيار ڪنداٿا وڃن ۽ ملھ مقابلا مختلف ميلن جي موقعي تي ٿيندي نظر اچن ٿاٻئي طرف راندين جي ترقي ۽ بھتري لاء قائم اسپورٽس ۽ ثقافت کاتا ڪو خاص ڪردار ادا نه پيا ڪن ۽ ٻنھي کاتن جا مبينه طور ڪروڙن روپين جا فنڊز الائجي ڪٿي ۽ ڪيئن پيا استعمال ٿين ان بابت ڪو به پڇاڻوڪرڻ وارو ناھي

سرڪاري سطح تي پوئواري نه هجڻ سبب ڪوڏي ڪوڏي ختم ٿيڻ لڳي

عمرڪوٽ: ڪوڏيڪوڏي راند جي مشھور رانديگر سائينداد نھڙيوٻڌايو ته ڪوڏيڪوڏي سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي راند آھي جنھن ۾ رانديگرن جي قوت سان گڏ ساھ روڪڻ جي ڊگھيڪاريگري به شامل ھوندي آھي ھن چيو ته سرڪاري سطح تي ڪوڏيڪوڏي راند سميت ڪنھن به راند جي سرپرستي نه پئي ٿئي ثقافت کاتي سنڌ وٽڪروڙين روپين جا فنڊز ۽ وسيلا موجود آھن مشھور ملھ پھلوان لالا رحيم پٺاڻٻڌايو ته سنڌ ۾ تمام سُٺا نوجوان ملھ موجود آھن جن جي سرپرستي ۽ مدد جي ضرورت آھي ثقافت کاتو سنڌ ان طرف خاص ڌيان ھن چيو ته ڪيترائي ملھ پھلوان غربت ۽ لاچارگي سبب پريشان زندگي گذارين پيا حڪومت انھن جي مدد ڪري ته جيئن ھن تاريخي ثقافتي راند جو سلسلو جاري رھي سگھي.

سنڌ جي مشھور ثقافتي راند لاٽون وقت سان گڏ وڃائجي وئي

عمرڪوٽ: سنڌ جي مشھور ثقافتي راند “لاٽون” به وقت سان گڏ وڃائجي وئي آھي. ھن تاريخي ثقافتي راند جو ھڪ مڪمل سبق سنڌي نصاب جي ٻئين ڪلاس جي ڪتاب ۾ شامل ھوندو ھو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين شاگرد توڙي نوجوان مارڪيٽ مان ڪاٺ جو ٺھيل لاٽون ۽ ڏور وٺي پڪي پڌر تي لاٽون ڦيرائيندا ھئا. پر ھاڻ اھو سلسلو ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ لاٽون راند جو تصور ئي ختم ٿيندو پيو وڃي. البت سنڌ جي بازارن درگاھن ميلن جي موقعن تي ٻارڙن جي رانديڪي طور لاٽون وڪروٿيندي ضرور ڏسي سگھجي ٿو باقي ڪٿي به راند نه ٿي رھي آھي.

عمرڪوٽ ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا ڪيترائي رانديگر موجود

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ناري پٽ ۾ ڪوڏيڪوڏي راند جي مشھور رانديگرن ۾ شادي پلي جو رجب علي جلھڻ نئون ڇوڙ جو جيتمال سنگھ سوڍو خميسو چانيھو انور ۽ سائينداد نھڙيو رڻجيت سنگھ سوڍوڍورونارو جا عيدو شيدي اميد علي سومرو مولابخش سومرو سومرو اڪبرڇڇر ابراھيم ڇاڪبر ڇر عمرڪوٽ جو سيد محمد علي شاھ ۽ ٻيا پنھنجي دور جا مشھور رانديگر ٿي رھيا آھن

ثقافتي راندين جي جاءِ ٻارڙا ڪرڪيٽ ۾ سرگرم

عمرڪوٽ: سنڌ جي جھرجھنگ ۽ ڳوٺڳوٺ ۾ ثقافتي راندين ڪوڏيڪوڏي ملھه ۽ ونجھه وٽي جي جاء تي نوجوان توڙيٻارڙاڪرڪيٽ راند جي ڪريز ۾ وٺجي ويا آھن ھر ھنڌ ۽ ڳوٺن شھرن ۾ ڪرڪيٽ راند جو جنون حاوي ٿيندو پيو وڃي جنھن سبب مقامي تاريخي ثقافتي رانديون متاثر ٿيون آھن

سنڌ جي ثقافتي راند ملھه جا ٽي جوڙ مشھور

عمرڪوٽ: سنڌ جي ثقافتي راند ملھ جا ٽي جوڙ مشھور آھن پھريون ٻيون ۽ ٽيون جوڙ جڏھن ته سنڌ ۾ جيڪي مشھور ملھ پھلوان ٿي رھيا آھن ۽ جيڪي مشھور ملھ پھلوان طور مڃيا وڃنٿا تن ۾ ڇور جو رھواسي لالا رحيم پٺاڻ سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي سردارو ڀيل گڻيسوڀيل جئرام ڀيل يارو ٻٻر جمنڪالروڏاھوڀيل سيد جانب شاھ سيد محمد علي شاھ مشھور ملھ پھلوان رھيا آھن مرحوم بگٽي ملھ پھلوان به وڏي مڃتا وارو رھيو جڏھن ته ھن وقت ناري پٽ ۾ اصغر ھاليپوٽو خادم ھاليپوٽو رجب علي راھمون ڀوڄوڀيل حاجن ڇورو ۽ ٻيا شامل آھن