ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تيز هوا سان گڏ برسات، موسم خوشگوار، حيدرآباد ۾سخت گرمي کانپوءِ حيدرآباد  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بوندا باندي شروع ٿي وئي. مٽي جو طوفان ڪيترائي سائن بورڊ ڪري پيا جڏھن ته مٽي جي طوفان سبب ڪيتروئي گاڏيون پڻ بيھجي ويون مٽي جي طوفان کانپوء بوندا باندي پڻ شروع ٿي وئي جنھن سبب گرمي جو زور ٽٽڻ سان گڏ موسم خوشگوار ٿي وئي، ھالا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو،برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي، ھالا، ھالا پراڻا، ڀاڻوٺ، ڪرم خان نظاماڻي سميت ھالا جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي. ٽنڊو محمد خان ۾ تيز مٽي جي طوفاني هوائن علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، شهري علائقي جي اندر ڪيترن ئي ڪکائن گهرن جون ڇتيون، سولر پليٽون، ڇپڙا هوا ۾ اڏامي ويا، جنهن ۾ سولر پليٽن، ڊشن، سائن بورڊ ڪرڻ سان شهري علائقي جا 2 نوجوان سخت زخمي ٿي پيا ، زخمين کي ٽنڊو محمد خان جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ نوجوان زخمي زبير ڀٽي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.جهوڪ شريف ۽ ان جي آس پاس مٽي جو طوفان ڪيترن ئي گهرن جون ڇتون ۽ سولرون پليٽون اڏامي ويون. کورواھ ۽ ڀرپاسي مٽي جي تيز طوفان سبب ڪچن گهر جا ڇپرا اڏامي ويا ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا. موسميات کاتي سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ترجمان موجب ٿرپارڪر، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي، قمبر، دادو، حيدرآباد، مٽياري،ٽنڊوالھيار، ميرپورخاص، سانگھڙ،  شھيد بينظيرآباد، گھوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آھي،  جڏهن ته تيز ھوائون به لڳڻ جو امڪان آھي. ڪنڌڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي.