سنڌ ۾ تعليم جي ڳنڀير صورتحال

0
43
‘پوليو فري پاڪستان’ جو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو؟
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ جي تعليم جي حالت بِنهه خراب آهي، جنهن جو اعتراف وقت بوقت سرڪاري سطح تي پڻ ٿيندو رهيو آهي. اسڪولن ۾ نه سهولتون آهن ۽ نه ئي تربيت يافته اُستاد.  اهي اسڪول، جيڪي سهولتن کان وانجهيل آهن، اهي ٻارن لاءِ قيد خانا بڻيل آهن، جتي ٻار صرف وقت گُذارڻ جي لاءِ اچن ٿا. تعليمي معيار ۽ سهولتون نه هجڻ جي توڙي وڌندڙ غُربت سبب مائٽ ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جي ڪري پڻ پڙهڻ واري عمر وارن ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ۾ 41 لک ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڄاڻايل اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته، سمورن پرائمري اسڪولن کي پوسٽ پرائمري اسڪول طور اپگريڊ ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. ڄاڻايل اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي جنوري 2024ع واري رپورٽ جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ، 62 لک ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن، جن ۾ 76 لک، 30 هزار ٻارڙن جو تعلق سنڌ سان آهي. ڄاڻايل اجلاس ۾ تعليم واري وزير  سيد سردار علي شاهه ڄاڻايو ته، سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن جو تعداد 41 لک آهي.

سنڌ ۾ تعليم جي خانگي شعبي کي منافعي جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرڪاري تعليم جي شعبي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اسڪولن کي موضوع ۽ مناسب عمارتون ناهن. گهڻا اسڪول جهوپڙين ۾ هلي رهيا آهن. جيڪي عمارتون آهن ته انهن ۾ به سهولتون ميسر ناهن. گهڻين عمارتن ۾ نه بجلي آهي، نه پاڻيءَ جي سهولت، نه باٿ روم آهن، نه فرنيچر آهي ۽ اهڙن اسڪولن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، جن کي چوديوارون به ناهن. ايتري قدر جو نياڻين جا اسڪول به چوديوارين کان محروم آهن. اسڪولن ۾ سهولتن جي اڻاٺ جي ڪري تعليم مان ماڻهن جي دلچسپي به گهٽجي وئي آهي، جنهن جو هڪ سبب سرڪاري اسڪولن جي تعليم جو ڪرندڙ معيار پڻ آهي. وڏي ڳالهه اها ته شهر ته ٺهيو هاڻي ٻهراڙين ۾ به خانگي اسڪول کنبين وانگر ڦُٽي پيا آهن، جن ۾ پڻ ٻارن جو وڏو تعداد داخل آهي، پر ان جي باوجود به 41 لک ٻارڙا اسڪولن  کان ٻاهر هجڻ هڪ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي. اها صورتحال ڇو پيدا ٿي، ان تي پندرهن سالن جي سنڌ ۾ هڪ ئي جماعت جي حڪمراني باوجود نه ويچاريو ويو ۽ نه ئي ڌيان ڏنو ويو. هن وقت ٻارڙن جي ايڏي وڏي تعداد کي اسڪول ۾ آڻڻ جو فيصلو ته ڪيو ويو آهي پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، ان لاءِ به تمام وڏي تعداد ۾ نون اسڪولن جي ضرورت پوندي يا موجود اسڪولن جي گنجائش وڌائڻي پوندي. ان جي لاءِ نه صرف استادن جو وڌيڪ تعداد گهربل هوندو ۽ وڌيڪ وسيلن جي ضرورت پوندي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارڙن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ اپاءُ نه وٺجن. اسان جي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته، ان لاءِ فوري طور تي وسيلا مهيا ڪجن، سهولتن کي بهتر بنائجي ته جيئن تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي. سرڪاري شعبي جي تعليم جي خراب ساکَ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

دُنيا جا سُڌريل ملڪ پنهنجي سماج تي سيڙپ تعليم جي صورت ۾ ڪندا آهن. تعليم ئي اسان کي ترقيءَ جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ اڳيان آڻي سگهي ٿي ۽ ڪنهن سماجي ترقيءَ جو سمورو دارومدار تعليم تي آهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سَکڻيون گڏجاڻيون ڪرڻ بدران عملي اپاءُ ورتا وڃن، اسڪولن ۾ سموريون گهربل سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن ٻار اسڪولن کي قيد خانا نه سمجهن. ساڳئي وقت نصاب تي پڻ ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي ۽ ان نصاب جي جديد طريقن موجب تدريس لاءِ استادن کي تربيت ڏياري وڃي ته جيئن اسان جي تعليم سماج لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي.