چي گويرا جو قول آهي ته “تعليم صرف انهن ماڻهن لاءِ نه ھئڻ گھرجي، جن وٽ پئسا آهن ۽ انهن جا ئي ٻار پڙهن”. افلاطون جو قول آهي ته، هڪ لائبريري گهر جو روح هوندي آهي. ائين ٻئي ڪنهن ڏاهي جو قول آهي، ڪنهن به قوم کي تباه ۽ برباد ڪرڻو هجي ته ان کان ان جي تعليم کسيو، اها قوم تباه ۽ برباد ٿي ويندي۔ سنڌي قوم سان به اها ويساه گهاتي ٿيندي پئي اچي، تعليم ئي ھڪ قوم کي مضبوط ۽ باشعور بڻائي ٿي پر افسوس سنڌ ۾ تعليم نه ھئڻ جي برابر آهي، تعليم جي بهتري لاءِ وزرات به آهي پر ان جا منتظمين بيانن ڏيڻ تائين محدود آهن۔ تنهنڪري سنڌي قوم مختلف وقتن تي حڪمرانن جي ھٿان پيڙجي رھي آهي۔ پليجي صاحب چيو ته سرمائيدار ھميشـه قومن کي غلام بڻائڻ لاء پھرين ان کي تعليم جھڙي زيور کان محروم ڪندا آهن، قوم کي ڏينهون ڏينهن جاهل بڻائيندا آهن ۽ انهن کان ايتري ته ذھني قوت کسيندا آهن جو ھو ھر ڪوڙ کي به سچ مڃيندا آهن. پوء جيڪو ڪجهه ان سان وهي واپري پيو، ان کي آسماني عذاب سمجھندا آهن. ان جي باري ۾ تحقيق کان پرھيز ڪندا آهن ۽ اھڙي قوم حڪمرانن هٿان مختلف وقتن تي مختلف طريقن سان پيڙجي رھي آهي. انهن جا ذھن غلامي جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل ھوندا آهن، جن کي ٽوڙڻ لاء صرف علم ئي آهي، جيڪو کانئن کسجي چڪو آهي. ايتري قدر جو ھو پنھنجن حقن کان به لاتعلق ھوندا آهن۔
جڏهن ھن دنيا ۾ انسان قدم پاتو ته ٽن قسمن جا انسان ھئا:
- فطرت سان محبت ڪندڙ معنى فطرت جي خوبصورتي سان محبت ڪندڙ ٻين ڳالهين ۾ دلچسپي نـ رکندڙ .
- علم ۽ ڏاهپ سان محبت ڪندڙ. ڪجهه شين جا ڳولائو، جاچ پڙتال ۾ چاه رکندڙ ھئا.
- سازشي ماڻهو، جن جي ھميشـه سازش رھي ته انسانن کي ديوتائن ۽ ٻين منجھيل مسئلن ۾ ڦاسائڻ جنهن جو ڪو به حل نه آهي. ھنن ھميشـه علم ۽ ڏاهپ سان چاه رکندڙن کي وڏو نقصان رسايو آهي.
ھن ايڪھين صدي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اھڙن حڪمرانن کان نجات حاصل ڪئي آهي پر سنڌ ۾ اهي اڄ تائين پنهنجي سازش ۾ ڪامياب آهن. اھي ھميشه سازش ڪندا آيا آھن ته سنڌي قوم کي علم ۽ ڏاهپ کان پري رکي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي.
ھن وقت سنڌ جي تعليم تمام پٺتي پيل آهي. سنڌ جي ٻارن کي ايتري قدر مجبور ڪيو ويو آهي، پنهنجي پڙھڻ جي عمرن ۾ گداگريءَ ۽ ڪارخانن تي مزدوري ڪرڻ ۾ مشغول آهن. جيڪا سئين سڌي پاڪستان جي آئين آرٽيڪل نمبر 11 ۽ آرٽيڪل نمبر 25A جي خلاف ورزي آهي . ننڍن ٻارن جو پورهيو ڪرڻ آئين جي خلاف آهي. آئين جي آرٽيڪل 25A موجب، هر ڪنهن کي برابري واري تعليم جي حق آهي پر سنڌ ۾ بلڪل ھن جي ابتڙ عمل ٿي رھيو آهي. تازي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ٽوٽل ٦٩١٠٣ اسڪول ڪم ڪري رھيا آهن جنهن ۾ ٩٠ سيڪڙو اسڪولن ۾ سائنس جا استاد موجود ناهن ۽ ٧٠ سيڪڙو اسڪولن ۾ ليبارٽريز موجود ناھن. ١٨٦٦٠ اسڪولن ۾ صرف ھڪ ھڪ استاد موجود آهي. ١٢١٣٦ اسڪولن ۾ مورڳو استاد ئي موجود ناھن۔ جنهن جو مطلب ته سنڌ ۾ لکين ٻار تعليم کان محروم آهن ۽ جيڪي اسڪولن ۾ موجود آهن، اھي سائنسي علم رياضي علم ۽ تجربن کان محروم آهن. گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت رھي آهي. پ پ جمهوريت جي به دعويدار آهي. ھي اکر نمبر ۽ تعليم جي حالت ڏسي اھڙي جمھوريت جي دعويدارن تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. ھن ايڪھين صدي ۾ اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ ۾ مدي خارج نصاب ھلي رهيو آهي. سنڌ ۾ ٻٽي معيار وارو تعليمي نظام ھلي رھيو آهي.
سنڌ حڪومت کان گهر ڪندس ته سنڌ جي نصاب ۾ تبديلي آڻجي. مدي خارج نصاب کي ختم ڪيو وڃي. سنڌ جي عظيم ليڊرن ۽ ليکڪن کي سنڌ جي نصاب ۾ شامل ڪجي .