حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گورنمينٽ گرلز پائيلٽ ميران هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪرين جي حقن، بنيادي تعليم جي اهميت، صحت ۽ پوليو مهم جي آگاهي جي حوالي سان سيمينار ٿيو جنهن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب سنڌ حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ ۽ ٻيا عملدار ريڪي ٿيا. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب سنڌ عبدالوهاب ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. 75 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش روم جي سهولت ميسر نه آهي. حيدرآباد جو علائقو تعليم جي لحاظ سان ڪي قدر ٻين علائقن کان بهتر آهي. هن چيو ته محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر جي آفيس سرڪاري اسڪولن ۾ پگهارن، فرنيچر، بنيادي سهولتن، عمارتن ۽ سنڌ حڪومت جي وظيفي جي پروگرام جهڙن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته گورنمينٽ گرلز پائيلٽ ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو سڀ کان قديم ۽ وڏو اسڪول آهي جنهن ۾ 2843 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جڏهن ته 111 استاد تدريسي خدمتون سرانجام ڏين ٿا. هن استادن تي زور ڀريو ته اهي دلچسپي سان شاگردياڻين کي پڙهائين ته جيئن اهي ڇوڪريون ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. سيمينار ۾ پشپا ڪماري پاران پوليو مهم جي حوالي سان آگاهي ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 35 پوليو ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ اسان کي پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسڪول جي هيڊ مسٽريس نياز بانو سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم سميت صحت پڻ ضروري آهي. شاگردياڻين کي پنهنجي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي. ڊائريڪٽر ايليمنٽري سيڪنڊري اسڪول غلام سرور ملاح چيو ته شاگردن کي سوال پڇڻ ۽ ڪلاس ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. سيمينار ۾ ڊي اي او پرائمري مٺو اوڏ، ڊپٽي ڊي اي او امداد گوپانگ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.