سنڌ ۾ ترقي پسند سياست ؟

0
40

 ڪامريڊ لينن جي ڀاءُ اليڪسانڊر کي آزاد خيالي جي ڪري رجعت پرستن ماري ڇڏيو: “ڪامريڊ پنهنجي ڀاءُ جي موت مان هڪ سبق ضرور سکيو، سو هي ته اعليٰ طبقن جي ڪجھه ماڻهن يا هڪ فرد جي قتل ڪرڻ سان تاريخ نٿي بدلجي، انسان جي جدوجهد ان نظام ۽ ان طبقي جي خلاف هئڻ گهرجي، جيڪو ظلم ۽ ناانصافي جو بنياد آهي.”  هن ڳالھه جو ٿلهي ليکي هي مفهوم آهي  ته ڪامريڊ لاءِ سندس ڀاءُ شخصيت آئيڊيل هئي، هن جي خونِ ناحق سندس زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي. هن سوچيو ته هڪ فرد کي مارڻ جي بدران ڇو نه سڄي نظام کي بدلائجي، ان نظام جي خلاف جدوجهد ڇو نه ڪجي، جنهن ۾ هڪ طبقو ٻئي طبقي جو سماجي ۽ معاشي استحصال ڪري ٿو. ڪامريڊ لينن جي زندگي تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي بهترين  تشريح آهي.

                 سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دور سٺو هو جڏهن جي ايم سيد، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، نظير عباسي، ڄام ساقي وغيره سياست جي ميدان ۾ هئا ته ادب جي ميدان ۾ محمد ابراهيم جويو، علي بابا، شيخ اياز، نجم عباسي، سراج الحق ميمڻ ۽  گهڻا ٻيا به هئا. اها گونجار ون يونٽ ( 22 نومبر 1954ع کان پهرين جولاءِ 1970ع تائين) جي خلاف ٿي هئي. پوءِ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ( فيبروري 1981ع  کان  آڪٽوبر 1988ع تائين)  هلي، جنهن ادب ۽ سياست جي مزاج ۾ هڪ تبديلي آندي.

اڄ سنڌ ۾ پيٽي بورجوا دانشور جک هڻن ٿا ته قومپرست ۽ سوشلسٽ پارٽيون هڪ يو سي به کٽي نٿيون سگهن، ان ڪري اها سياست ئي رَدي آهي! سامراج ۽ سرمائيدار دوست نظرين جي تبليغ ڪندي هي غش ٿي وڃن ٿا، جڏهن هوش ۾ اچن ٿا ته وري حقيقي عوام دوست سياست کي “ڦليار” ثابت ڪرڻ واري مها دانشوري شروع ٿا ڪري ڇڏين. دراصل هو ايئن ڪري عملي سياست کان پنهنجي ڪناره ڪشي جو سبب گهڙين ٿا! هڪ يو سي کٽڻ ئي سياست جي ڪاميابي جو ماڻ ماپو آهي ڇا؟ ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ جيڪو ادب پيد ٿيو، اهو ادب انهي سياست جو ميراث نه آهي؟ ٽين دنيا جي هن جاهل رکيل سماج ۾ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن جو پيدا ٿيڻ ۽ فيوڊل_سامراج دوست بيهڪ کي بي نقاب ڪرڻ ۽ جهيڙڻ هن انقلابي سياست جي وڏي حاصلات نه آهي؟

سوويت يونين (1922ع کان 1991ع تائين) جي ٽٽڻ کانپوءِ هڪڙا يوٽوپيائي ڪامريڊ ٿي ويا، ڪجھه انارڪسٽ ٿي سامهون آيا، ڪي وري گهر ويهي سُرخا خواب ڏسڻ لڳا، ٻيا اين جي اوز جي سامراجي نيٽ ورڪ ۾ شامل ٿي، انهن جي نظرياتي تبليغ ڪرڻ لڳا. عوامي سياسي ڪلچر پيدا نه ٿيو، جاگيردار_سرمائيدار سياست جي مورچي تي غالب اچي ويا. ڪارپوريٽ ميڊيا ۽ پگهاردار دانشورن جي ميڄالي ۾ سرمائيداري راڄ ڪرڻ لڳي. هي سڀ سماجي سائنسي فڪر جي شعوري ارتقا جي سامهون بيهي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪندا رهيا ۽ انهي مغز ۾ داخليت پسندي جو اظهار جدلياتي قانونن جو انڪاري ٿي پيو. دراصل اين جي اوز، سول سوسائٽي ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا ذريعي پورهيت فڪر جي سامهون “مورچابندي” ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آهي. ان سان گڏ عالمي سامراج بورجوازي تعليم جا نوان طريقا ۽ فلسفا گهڙيا، مابعد جديديت ۽ نيولبرلزم جهڙا سرمائيدار ۽ سامراج دوست “نظريا” پيش ڪيا ويا. بهرحال، وقت ثابت ڪيو ته سوويت يونين جو ڊهڻ  هڪ اقتصادي_سماجي نظام جي ناڪامي نه هئي. چين، ڪيوبا، ويٽنام، نيپال، وينزويلا، اتر ڪوريا، رومانيه، انگولا وغيره ۾ سوشلسٽ جدوجهد تيزي سان وڌي آهي، ته ڪن رياستن ۾ ڪامياب سوشلسٽ انقلاب به آيا آهن. ڪنهن رياست جي ٽٽڻ کي نظريي جي ناڪامي سمجهڻ عقل دشمني جو کليل اظهار آهي.

هن وقت پنهنجي سماج ۾ فيوڊل اقتداري سياست حاوي آهي، جنهن جا ڪي به اصول ۽ ضابطا نه آهن. اها سياست نه پر ڪارو ڪاروبار آهي، مال ميڙڻ جي پريڪٽس آهي ۽ ٻهروپيت جو ٻيو نانءُ آهي. اهڙي سياست جي ڪاريهر نه صرف ادارن کي اسٽريچر تي سمهاريو آهي، پر مجموعي طور تي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ڏاڍ جو ڄار پکيڙي منفي روين ۽ رجحانن کي هٿي ڏني آهي. اهي رويا هر آفيس يا اداري جي ورڪنگ ميڪنزم کي پرکي سمجهي سگهجن ٿا. اهڙي وقت ۾ سوال جاڳي ٿو ته سياست ڪهڙي ڪجي؟

پاپولسٽ سياست عوام کي سکڻي نعريبازي سان اُڀاريندي آهي، ۽ عوام کي عوام جي خلاف پيش ڪندي آهي. سنجيده ۽ نعريباز سياست ۾ فرق آهي، هڪڙا ماڻهو ماڊلنگ ڪندا آهن، ٻيا نظريا ۽ آدرش سيني ۾ سانڍي عملي جدوجهد ڪندا آهن. هن سماج ۾ عوام جي نالي ۽ نعري تي عوام سان جُٺ ٿيڻ جو رواج عام ٿي چڪو آهي. هاٿي جيان ان سياست جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا هوندا آهن. انهي اداڪاري جا “سلطان راهي” عوام کي ڀڙڪائي ذهني کوکلائپ ۾ مبتلا ڪندا آهن. اهڙي سياسي ائپروچ ۽ پريڪٽس ۾ مڊل ڪلاس وڌيڪ مصروف نظر ايندو آهي، جيڪو جاگيردارن، سردارن ۽ پيرن جي چائنٺ تي مري کپي ويندو آهي. ۽ ڏاڍو هيڪل وياڪل محسوس ڪندو آهي:

ايتري ماٺار هوندي

موسم جي ڪنهن مڌر سنگيت تي

خشڪ صحرا جي گلي مان

ٿي سگهي ٿو

گيت ڪو گونجي وڃي

هن سڄي ديوار _ برلن ۾

ڪٿان ڪو ٿورڙو ئي

ڏار ڪو پئجي وڃي

يا وري سو گيت ڪنهن جوڳيءَ جيان

پنهنجي ڪوراڙن ڪکيل ديس

جي زخمي بدن جو

زهر ٿورو پي وڃي

سونهن جي هر ڪا صدا

 مصلوب ٿي عشق جو آلاپ

ڄڻ ڪو پاپ آ

آهه ڄڻ سنسار جي اندر

خاموشي خنجر جيان توڻي لٿل

پو به ڪنهن جي ڪنن ۾ جيڪڏهن

منهنجي سکي!

تنهنجي چوڙين ئي ڪٿان ڪنهن وقت

سرگوشي ڪئي

ٿي سگهي ٿو

سانت جو سيبو ڪٿان اڊڙي وڃي. (مظهر لغاري)

هن صورتحال ۾ اسان وٽ ماڻهن جا هجوم ته آهن، پر اهي غير سياسي آهن، سياست جي هي شڪل جاگيردار ڪلاس کي حڪمران بنائي، مڊل ڪلاس جي موقعي پرستي ۽ مفاد پرستي تي ڇيھه ڪري ٿي. انهي سياست ۾ هاري ۽ مزدور لاءِ ڪابه حاصلات نٿي هجي، بلڪه ان جي حق تلافي ٿئي ٿي، ايئن چئجي ته پاپولسٽ سياست پورهيت دشمن ئي هوندي آهي. مختصر لفظن ۾ چئجي ته پاپولسٽ سياست جو مقصد استحصالي نظام کي برقرار رکڻ ۽ اقتدار ۾ رهڻ آهي. اها سياست جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام کي سگهه بخشڻ لاءِ ٿيندي آهي. پاپولر سياست ڪلر واري ٻني ۾ ڪمند ۽ پاڻي جي کوٽ دوران ساريون پوکڻ جو واعدو ڪندي آھي:

ڏينهن ڏٺي جو ڏانئڻ تان،

جيڪو گهونگهٽ لاهي،

ڪوئي آھي ؟

سانگ سياست جا سمجهي،

جو ٺاھ ٺڳيءَ جا ڊاهي،

ڪوئي آھي؟

اونداهيءَ سان جيڪو الجهي،

چانڊوڪيءَ کي چاهي،

ڪوئي آھي؟  (شيخ اياز)

سنڌ ۾ جاگيردارڻي “ايڪو سسٽم” ۾ امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿيندو وڃي ٿو. هتي هاري ۽ مزدور جي زندگي عذابن جي داستان کانسواءِ ڪجھه به نه آهي. هاري پورهيت جي جيئڻ جا سڀ رستا فيوڊل سوچ بند ڪري ڇڏيا آهن. هو پاڻ کي اوچ ۽ پورهيت عوام کي ڌڪاريل ۽ نيچ سمجهن ٿا. هن سياست جو تعلق عوام سان نه آهي. جاگيردار پنهنجي رويي ۽ مزاج ۾ ڊڪٽيٽر آهن، اها ڊڪٽيٽرشپ رڳو روين جي ناهي، اِها ذهني به آهي. ڇو ته آمريت جي ڪُک ۾ جمهوري رويا دفن ٿي وڃن ٿا. ان ماحول جي رد عمل ۾ ترقي پسند سياست جيارڻ جو سوال اهم آهي.