ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هاءِ الرٽ تي رکيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ طبي عملي کي فوري طور تي ڊيوٽي تي رپورٽ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا. گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ جي ضلعي انتظاميا شهري دفاع لاءِ 24 ڪلاڪ الرٽ رهندي، هنگامي حالت ۾ شهري دفاع جا سمورا وسيلا متحرڪ ڪيا وڃن، سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ لاءِ سائرن ۽ وارننگ سسٽم کي فعال ڪيو وڃي، شهري دفاع لاءِ پناهگاهن جو تعين ڪري انهن کي فعال بڻايو وڃي، سنڌ پوليس، سول ڊفينس، ريسڪيو 1122 ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سول ڊفينس عملي کي شهري دفاع لاءِ فيلڊ آپريشنز جا حڪم ڏنا وڃن، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ پوليس کي هر سطح تي الرٽ رهڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس جي سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهرن ۾ بازارن، مارڪيٽن ۽ عوامي هنڌن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ گشت ڪرڻ گهرجي، شهرن ۽ انهن سان لڳندڙ سرحدن، اهم هنڌن، تنصيبات، ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري عمارتن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ چيڪنگ وڌائي وڃي، ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي، دهشتگردن، يا شرپسند عنصرن بابت اطلاع متحرڪ ٿي اڳواٽ ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڪستان جي فوج، هوائي فوج ۽ بحري فوج ملڪ جي سرحدن تي دشمن جي خلاف هاءِ الرٽ تي آهن، جڏهن ته سنڌ پوليس صوبي اندر هاءِ الرٽ تي آهي. ٻئي طرف صحت کاتي پاران ملازمن ۽ ڊاڪٽرن توڙي نرسن جون موڪلون رد، اسپتالن کي صحت جون سهوليتون هاءِ الرٽ رکڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان ڪالهه صحت کاتي جي اختيارين پاران صوبي ۾ صحت جون سهوليتون هاءِ الرٽ رکڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڊي جي صحت پاران صوبي جي سموري ضلعن جي ڊي ايڇ اوز ۽ اسپتالن جي لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي ريسپانس يونٽ کي هاءِ الرٽ رکيو وڃي، ميڊيڪل، نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ موجودگي يقيني بڻائي وڃي، ايمرجنسي جون دوائون، سرجيل جو سامان ۽ رت جا يونٽس توڙي آڪسيجن جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي. صحت کاتي جي ضلعي اختيارين ۽ اسپتالن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لالڳو ڪندڙ ادارن سان رابطو رکيو وڃي.