سنڌ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ حڪومتي بيحسي

0
14

سنڌ اندر مسلسل اقتدار ماڻيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، وڏو وزير، چونڊيل نمائندا جلسن، جلوسن توڙي تقريبن ۾ وڏي پئماني تي دعوائون ڪندي نظر ايندا آهن ته سنڌ ۾ صحت، تعليم سميت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، پر عملي طور تي ڏسجي ته سنڌ ۾ بنيادي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ واري سهولت موجود ناهي، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت نه هجڻ سبب انيڪ بيماريون ڦهلجن ٿيون، جنهن ۾ خاص ڪري گڙدن جي بيماري سميت ٻيون وچڙندڙ بيماريون شامل آهن. لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان مسلسل اقتدار ۾ رهندڙ پ پ حڪومت عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ وڏيون ڳالهيون، دعوائون ته ڪيون آهن پر زميني حقيقتون انهن ڳالهين ۽ دعوائن جي ابتڙ آهن، ڪراچيءَ ۾ ته پاڻي مافيا سرگرم آهي. اهڙي طرح جَر ۾ موجود پاڻي ۾ به سنکيو وڌندو پيو وڃي. اهڙي ريت جيڪو شهرين کي لاڳاپيل ادارن پاران پاڻي سپلائي ڪيو پيو وڃي، اُهو گندو ۽ بدبودار آهي يا وري اُهو پيئڻ جي ئي قابل ناهي.

                  پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو ذڪر ٿيو آهي ته پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته، سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد آهي، جِتان جي رهواسين کي گندو، بدبودار ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. حيرت ۽ افسوس واري ڳالهه اِها آهي ته اهو گندو پاڻي به سکر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سپلائي ناهي ٿيندو، نتيجي ۾ مختلف وقتن تي متاثر علائقن جا رهواسي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ تي مجبور هجن ٿا. سکر جي بناوٽ جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته منهنجي خيال ۾ سکر ضلعو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي لاءِ آئيڊيل ضلعو هجڻ گهرجي، حڪومتي پارٽيءَ وٽ سکر ۾ ناليواري قيادت به موجود آهي پر مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن، اِن مان ڳالهه واضح آهي ته انهن جي دلچسي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناهي پر ڪنهن ٻئي طرف آهي. سکر جي بناوت جي ڳالهه ڪجي ته سکر جي ٽن پاسن کان سنڌو درياءَ آهي، هڪڙي پاسي کان سکر بئراج مان نڪرندڙ ٽي ڪئنالز آهن. سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شهر کي اِن قسم جي بناوٽ موجود ناهي. اِن جو مقصد سکر ۾ نيڪال وارو نظام توڙي پاڻي سپلائي وارو نظام بهترين هجڻ گهرجي پر هِتي ڳالهه اِن جي ابتڙ آهي، هِتي ڊرينيج جو نظام به تباهه آهي، برساتي ٻوڏ ۾ لڳ ڀڳ 15 ڏينهن تائين سکر جي مختلف علائقن ۾ ٻيڙيون هليون هيون. پاڻيءَ جي سپلاءِ وارو نظام مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ سکر جي رهواسين کي صحت لاءِ هاڃيڪار بنا ٽريٽمينٽ جي پاڻي فراهم ڪرڻ متعلق ڪيس هلندڙ آهي. اِن کان اڳ به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اُن وقت جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوهيو صاحب هڪ رپورٽ تشڪيل ڏني هئي، جنهن ۾ ڇِرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا هئا ته سکر جي رهواسين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي پيئڻ ته پري جي ڳالهه جانورن جي استعمال جي به لائق ناهي. پبلڪ پارڪس تي قبضن، ڊرينيج نظام جي تباهه حالي متعلق به رپورٽ ۾ گهڻو ڪجهه واضح ڪيو ويو هو، اِن رپورٽ کي هڪ اندازي موجب، پنجن سالن کان به وڌيڪ عرصو گُذري چڪو آهي.  تازو ئي عدالتي حڪم تي جوڙيل ڪاميٽيءَ مختلف هنڌن جو وزٽ ڪري چڪي آهي. درخواست گذار موجب سنڌوءَ ۾ ڊرينيج جو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي ڇڏيو ويندو آهي ۽ اُتان ئي وري پاڻي کڻي شهرين کي سپلائي ڪيو ويندو آهي. ائين ناهي ته حڪومت کان سکر ۾ ڊرينيج ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سپلاءِ لاءِ رقم جاري ناهي ڪئي وئي، مختلف وقتن تي ججهي رقم پڻ جاري ٿي چڪي آهي. سکر ته ڇا پوري سنڌ ۾ جيڪو ڊرينيج نظام آهي، ان جو ٿورو نمونو تازي برساتن ۾ سڀني ڏٺو آهي. ڪهڙي طرح، ڪيتري عرصي تائين شهر انتظامي نااهليءَ جي ٻوڏ ۾ ٻڏل رهيا. اِهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. رياست جو بنيادي ڪم شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.

سنڌ اندر بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن ۽ اسان جا چونڊيل نمائندا اهڙي اهڙي مد ۾ رقم خرچ ڪندا آهن جو ڏسي، ٻُڌي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن ته ڇا هنن شهرن جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن جو پنهنجا نوازيءَ واريون اسڪيمون آنديون پيون وڃن. وري جيڪي اسڪيمون ڏنيون ويون، جن تي ڪم مڪمل ٿي ويو اُهي تباهه حاليءَ جي ور چڙهي وڃن ٿيون، انهن جي ڪا سار سنڀال ناهي ڪئي ويندي. اِن موضوع ته تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو، هن لکڻيءَ ذريعي مان چند بُنيادي سهولتن جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري مختصر ئي انهن مسئلن کي بيان ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت صحت کاتي ۾ انقلابي ڪم ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي. هميشه اقتداري پارٽي اڳواڻ، وڏي وزير سميت سمورا چونڊيل نمائندا پهريان اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي جو ذڪر ڪندا آهن پر ڪڏهن به ڪو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي سول اسپتال، بيسڪ هيلٿ يونٽ، رورل هيلٿ سينٽر يا وري بلديات کاتي جي ڊسپينسريز جو ذڪر ئي ناهي ڪندو، ڇو جو انهن کي خبر آهي ته اُهي ڪهڙي حالت ۾ موجود آهن. هاڻي ته اهي شڪايتون عام آهن ته اين آءِ سي وي ڊي توڙي ايس آءِ يو ٽي ۾ به سفارشي ۽ پنهنجي نوازيءَ وارو عنصر عام ٿي ويو آهي. جتي به دوائن ۽ ضروري شين جي کوٽ آهي. سنڌ حڪومت اها به دعويٰ ڪندي رهي آهي ته، ٻين صوبن توڙي ٻاهرين ملڪن مان سنڌ ۾ ماڻهو علاج جي لاءِ ايندا آهن پر حيرت جهڙي ڳالهه اِها آهي ته، اسان جا چونڊيل نمائندا ڪڏهن به انهن اسپتالن ۾ علاج لاءِ ناهن ويندا. اِهي ڪراچي، اسلام آباد يا وري ٻاهرين ملڪن جي اسپتالن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي ڀاتين جو علاج ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت ايتري ئي ترقي ڪئي آهي ته اوهان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو علاج هِتي ڇو نٿا ڪرايو؟، وڏي رقم خرچ ڪرڻ بعد اُنهن اسپتالن جي معيار کي برقرار رکڻ واري عمل تي توجهه ڇو نٿي ڏني وڃي؟ اوهان ڪڏهن وڌندڙ بيمارين جي جَڙ تائين ڇو ناهيو پهچي سگهيا، اِن طرف توجهه ڇو ناهي ڏني وئي؟، جن شهرن ۾ گندو، صحت لاءِ هاڃيڪار بدبودار پاڻي فراهم ڪيو ويندو، اُتي گُردن سميت وچڙندڙ بيماريون نه ٿينديون ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ جِتي روڊ رستا تباهه هجن، روڊن تي مٽي اُڏامندي هجي، اُتي ساههَ سميت مختلف بيماريون ڇو پيدا نه ٿينديون؟ اوهان يا اوهان جي آل اولاد ته لگزري گاڏين ۽ شاهي بنگلن مان ڪڏهن نڪرڻ جي زحمت ناهي ڪندي جو اُنهن کي روڊن تي اُڏامندڙ مٽيءَ جا طوفان نظر اچن. انهن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اوهان ڳالهين،  ڪميشن لاءِ مشينريءَ جي خريداريءَ يا ٺيڪا ڏيڻ کان سواءِ عملي طور تي ڪهڙي بهتري آندي آهي؟، سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ اڍائي سالن کان ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين جهڙي مشينري خراب پيل آهي، ٻين شهرن، ضلعن جي صوتحال ڇا هوندي؟ ماڻهن وٽ ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پئسا ناهن، خريداريءَ جي سگهه ماڻهن وٽ ختم ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ هزارين روپيا ڀري هو اهڙيون مهانگيون ٽيسٽون پرائيويٽ اسپتالن مان ڪيئن ڪرائيندا؟ دوائن جي مد ۾ وڏي رقم ته ڪاغذي ڪارروائيءَ ۾ ڏيکاري ويندي آهي پر 12 ئي مهينا مريضن کي دوائون اسٽور تان خريد ڪرڻ جو چيو ويندو آهي. اِنهن مامرن کي ڳالهيون، دعوائون نه پر عملي طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آخر ايڏو عرصو حڪومت کي گذرڻ باوجود سائين سرڪار اِنهن مسئلن جي حل ۾ سنجيده ڇو ناهي؟، عوام سان ڪيل واعدن کي عملي طور تي پورو ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟ ڇا انهن مسئلن جي حل لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي مليل اقتدار وارو عرصو گهٽ آهي؟ حڪومت کي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪيترو عرصو گهرجي؟ سياستدان جيتري سچائي پنهنجي بينڪ بيلنس، شاهي بنگلا اڏڻ توڙي ملڪيتن ۾ اضافي تي توجهه ڏين ٿا، اِن جي ٿوري به توجهه اُن عوام تي ڏين، جن جي بدولت هو اِن مقام تي آهن ته شايد ڪجهه ئي سالن ۾ سنڌ جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.