سنڌ ۾ بدامني: قانون جي حڪمرانيءَ جي ضرورت

0
31
گڏيل قومن جو ادارو: نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀئو!

سنڌ هن وقت ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، جن مان سڀ کان ڳڻتي جوڳا مسئلا بدامني، ماڻهن جو اغوا، غربت، مهانگائي، بيروزگاري، پوليس جي نااهلي ۽ حڪومتي بيحسي آهن. هي اهڙا بنيادي مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ هر حڪومت جي اهم ذميواري هجڻ گهرجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، “سنڌ سرڪار” پنهنجا فرض ۽ عوام جي ووٽ جي مينڊيٽ جو حق ادا ڪري نه سگهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سياسي پارٽين جو احتجاجي انداز اختيار ڪرڻ جتي هڪ طرف عوام جي آواز جي نمائندگي ڪري ٿو، اتي ٻئي طرف اهو سوال به اُٿاري ٿو ته آخر مسئلا حل ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟

سنڌ جي مختلف ضلعن خاص طور تي ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪراچي جي ڪجهه علائقن، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ۽ لاڙڪاڻي ۾ معصوم ٻارن، واپاري ماڻهن، نوجوانن، ۽ روز ڪمائيندڙ مزدورن جي اغوا جا واقعا روزمره جو معمول بڻجي چڪا آهن. ڌاڙيل پنهنجا مطالبا پورا ڪرائڻ لاءِ وڊيوز ذريعي دٻاءُ وڌائين ٿا، ۽ حڪومت، پوليس، ۽ سيڪيورٽي ادارا صرف بيانن جي حد تائين سرگرم نظر اچن ٿا. سنڌ جي ماڻهن لاءِ اڄ حياتي جو سڀ کان وڏو خطرو رُڳو دهشتگرد ۽ ڌاڙيل نه پر سندن پٺڀرائي ڪندڙ به آهن، ڌاڙيل، جيڪي ڏينهن ڏٺي جو ڪارروائيون ڪن ٿا، ماڻهو اغوا ٿين ٿا، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. پوليس جي ڪجهه ڪارروائين کان علاوه، اڪثر علائقن ۾ پوليس يا ته بي وس نظر اچي ٿي، يا وري ڏوهارين سان مليل محسوس ٿئي ٿي. سياسي پارٽيون، خاص طور تي سنڌ جي اپوزيشن پارٽين سنڌ سرڪار جي نااهليءَ خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. شهر شهر ڌرڻا، جلسا، ريليون نڪرن ٿيون. اهي ڌريون حڪومت تي الزام هڻي رهيون آهن ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناپيد آهي، پوليس سياسي طور تي ڪم ڪري رهي آهي، ۽ عام ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جا نمائندا اگهور ننڊ سُتل نظر اچن ٿا. ڪڏهن ميڊيا تي ظاهر ٿي بيان ڏين ٿا ته، ذميوارن کي نه ڇڏينداسين، پر نتيجا زيرو آهن. پوليس جي ڪارڪردگي تي نظر وجهجي ته اتي به سياسي ڀرتيون، سفارش، ۽ ڪرپشن جو راڄ آهي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ ايس ايڇ اوز ۽ ايس پي ڀتا وٺي ڏوهارين سان ٺاهه ڪن ٿا، جڏهن ته عام ماڻهو جو تحفظ نظرانداز ٿيل آهي. هتي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته عوام جي بيچينيءَ جا بنيادي سبب بدامني، غربت، بيروزگاري، ۽ مهانگائي آهن، جن سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي ڏورانهن ڳوٺن تائين ماڻهن جي زندگين کي اجاڙي ڇڏيو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي اڻهوند، ماڻهن کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. جڏهن حڪومتي ادارا امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿين، ته سماجي نظام ۾ بيچيني، مايوسي، ۽ انتشار پيدا ٿيندو آهي. ماڻهن جو اعتماد رياستي ادارن تان ختم ٿي ويندو آهي، جنهن جو نتيجو بغاوت، دهشت، ۽ انتقامي ڪارروائين جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هڪ عام شهري لاءِ پوليس تحفظ جي علامت هجڻ گهرجي، پر هتي پوليس خوف جي علامت بڻجي وئي آهي، جيڪا رڳو طاقتور سياستدانن جي “پٺڀرائي” سان ڪم ڪري ٿي. جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجي ٻار جي اغوا بعد به ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ لاءِ ڌڪا کائيندو آهي.

سنڌ جي موجوده صورتحال رڳو احتجاجن سان نه، پر سنجيده، مربوط، ۽ باعمل حڪمت عملي سان بهتر ٿي سگهي ٿي. حڪومت کي فوري طور تي سنڌ جي اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ خاص ٽاسڪ فورس جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ ايماندار آفيسر، صحافي، ۽ سماجي اڳواڻ شامل هجن. پوليس نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي، جتي سياست جي مداخلت ختم ڪري، ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن. سياسي پارٽين کي به احتجاجن سان گڏ حل تجويز ڪرڻ گهرجن. صرف ڌرڻن سان نه، پر قانون سازي، مقامي سطح تي عوامي تحفظ جي ادارن جي قيام، ۽ پوليس جي نگراني لاءِ غير سياسي سسٽم جوڙڻ جي طرف قدم وڌائڻ گهرجي. صحافين، سول سوسائٽي، ۽ عدليا کي به پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو، ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جي بيچينيءَ کي ختم ڪري، سنڌ کي امن، ترقي، ۽ عوامي تحفظ جي طرف موڙي سگهجي.