ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي سالياني رپورٽ ‘انساني حقن جي صورتحال 2024’ ۾ جمهوريت جي زوال کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جن ۾ عام چونڊن جي شفافيت تي سنجيده سوال، اختلاف راءِ تي پابنديون ۽ وڌندڙ انتهاپسندي شامل آهن. ڪالهه هتي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ايڇ آر سي پي عهديدارن سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال، عدالت کان مٿانهن قتل ۽ صنفي بنياد تي تشدد تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي پوليس حراست ۾ عدالت کان مٿڀري قتل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته ڊاڪٽر ڪنڀار جي قتل خلاف ڪراچي ۾ سول سوسائٽي پاران ڪيل پرامن رواداري مارچ تي پوليس جو پرتشدد ۽ غير متناسب ردعمل اختلاف راءِ ۽ اظهار لاءِ گهٽجندڙ جڳهه کي اجاگر ڪري ٿو. ايڇ آر سي پي موجب سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جون جبري گمشدگيون جاري رهيون. قوم پرست ڪارڪن هدايت لوهار کي پهريائين حراست ۾ وٺي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، کيس قمبر ضلعي ۾ سندس گهر ويجهو قتل ڪيو ويو. ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن کي به غير منصفانه طور تي حراست ۾ وٺي پوليس پاران سندس انساني حقن جي ڪم جي بنياد تي پڇا ڳاڇا ڪئي رپورٽ ۾ اهو به نوٽ ڪيو ويو ته سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ سياسي مداخلت جا الزام سامهون آيا. چونڊن کان اڳ ۽ بعد ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آزاد اميدوارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيتريون ئي چونڊ درخواستون داخل ڪيون ويون، رپورٽ موجب حڪومتي ڪوششن باوجود سنڌ ۾ 2023 جي مقابلي ۾ 2024 ۾ ڏوهن جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، سنڌ پوليس جي انگن اکرن مان اهڙي تصديق ٿئي ٿي، صوبي ۾ پرتشدد واقعا پڻ جاري رهيا، جن ۾ ڪراچي ۾ بندش پيل بلوچ لبريشن آرمي پاران دعويٰ ڪيل حملو شامل آهي جنهن ۾ ٻه چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني مارجي ويا. ايچ ار سي پي موجب ڪمزور گروهن خلاف تشدد ۽ متڀيد جون رپورٽون سڄو سال جاري رهيون. غيرت جي نالي ۾ عورتون تشدد جو شڪار ٿينديون رهيون، گهٽ ۾ گهٽ 134 واقعا رپورٽ ٿيا. ڪراچي ۾ هڪ واقعي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن ڪراچي ۾ هم جنس پرستن تي حملو ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون.رپورٽ موجب پناهگيرن جي صورتحال پڻ پريشان ڪندڙ رهي، سنڌ اسيمبلي متفقه طور تي قرارداد پاس ڪري صوبي مان سڀني “غير قانوني پناهگيرن” کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پاران سنڌو تي 6 ڪينالن جي تعمير واري فيصلي خلاف سنڌ ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ٿيا،