حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاڪستان ۽ توانائيءَ واري وزارت جي حڪم تي حيسڪو ريجن ۾ بجلي چورن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهيو. ترجمان موجب ريجن ۾ 416 ڄڻن تي بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ليٽر مختلف ٿاڻن تي جمع ڪرايا ويا آهن جڏهن ته 242 چورن خلاف ڪيس داخل ڪرائي بجلي چوري ۾ ملوث 29 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪرايو آهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته ڪاررواين دوران بجلي چورن کان انهن 40 لک رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو ۽ کين تنبيهه ڪئي وئي ته هو ٻيهر بجلي چوري کان پاسو ڪن. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، مٽياري، بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ ٽيمن پاران ڪارروايون ڪيون ويون جنهن دوران ٽيمن حيدرآباد سرڪل ۾ 170، لاڙ سرڪل ۾ 109، ميرپورخاص سرڪل ۾ 88 ۽ نوابشاهه سرڪل ۾ 49 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر جمع ڪرايا.