لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي، بار جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي، نائب صدر نورالدين مهيسر سميت ٻين چيو ته سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ڪڍڻ نه ڏنا ويندا، پنجاب سنڌ جون زمينون غيرآباد ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وڌيڪ جيڪڏهن ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جون زمينون غيرآباد ٿي وينديون، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي فيصلو واپس ورتو وڃي.