ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا سنڌ ۾ اڄ شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران ٿاڻي سطح تي سيڪيورٽي قدمن کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته حساس يونين ڪائونسلن ۾ پوليس ڪمانڊوز کي خاص ذميواريون ڏئي پوليو ٽيمن کي انر اينڊ آئوٽر ڪارڊن جي بنياد تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، پوليو مهم دوران پوليس ۽ ڪمانڊوز سان گڏ سادو لباس اهلڪار به مقرر ڪيا وڃن،  رينڊم اسنيپ چيڪنگ، پڪٽنگ ۽ گشت دوران شڪي سرگرمين تي سخت نظر رکي وڃي، ضلعي ايس ايس پيز  پاڻ سيڪيورٽي قدمن جي نگراني ڪن ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي پنهنجن علائقن ۾ موجود رهڻ لاءِ پابند ڪن،  واضح رهي ته  پوليو مهم 8 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.