قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي طرفان اعلانيل 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏھاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ايڪتا مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، شھر جي باءِ پاس تي هڪ وڏو پنڊال ثقافتي رنگن سان سينگاريو ويو، جنهن ۾ نوجوان ثقافتي ويس وڳا، ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري شريڪ ٿيا، مچ ڪچهري ۾ سگهڙن بيتن وسيلي ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي
جڏهن ته صوفي فنڪارن امان الله شيخ، سهڻل فقير ۽ ٻين سر ورکا ڪري واهه واهه ڪرائي ڇڏي، ان موقعي تي تقريب جي ميزبان اياز ٻرڙو، لطيف گوپانگ، بخت ڀٽو، نذير احمد تنيو، سيد مجاهد شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي عاشق علي قاضي ايڪتا جو سڏ ڏئي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪيو
هن چيو ته ايڪتا هڪ اهڙو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي بنا ڪنهن اوچ نيچ ۽ ننڍ وڏائي جي هڪ هنڌ گڏ ٿي سنڌ سان هر ماڻهو پنهنجي وفاداري جو چن ڪري ٿو، هنن چيو ته اچو ته نئين سنڌ اڏيون، اها سنڌ جنهنجو تصور شاهه لطيف، شيخ اياز، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، بشير خان قريشي ڏنو آهي
وارهه جي فنڪارن پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان
وارهه جي فنڪارن ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ فنڪارن رياض عباسي، زاڪر عباسي، لالا جاويد بروهي، شھزاد حيدري ۽ ٻين ايڪتا جي سلسلي ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آھي
فنڪارن جو چوڻ آھي ته علي قاضي پاران ايڪتا ڏينهن جي اعلان بعد پوري دنيا ۾ سنڌي موسيقي کي هٿي ملي ٿي، هنن چيو ته ايڪتا جي سلسلي ۾ مچ ڪچهرين ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ کين شرڪت جو موقعو ملي ٿو، هنن چيو ته 3 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ڀرپور نموني ملهائي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏينداسين
ملير ۾ به ايڪتا جا رنگ نکري پيا، طفيل سنجراڻي ماحول منڊي ڇڏيو
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي تعليم کاتي ملير پاران گورنمينٽ هائي اسڪول رزاق آباد ۾ ايڪتا تقريب منقعد ڪئي ويئي جنهن ۾ ڊي آء جي جيل ڪراچي محمد حسن سهتو , ڊي سي ملير محمد سعيد لغاري, ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ملير امتياز انڙ, ڊي اي او پرائمري غلام عباس جوکيو, جيل سپريٽينڊنٽ ملير سيد ارشد شاھ , ايس پي ٽريفڪ اعظم جمالي, خدا ڏنو شاھ سميت ٻين آفيسرن ۽ معززين شرڪت ڪئي جڏهن ته ناليوارن راڳين طفيل سنجراڻي, ثلام علي سمون, ڪومل, گلشير چانڊيو قومي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو
اسڪول جي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي ملير محمد سعيد لغاري چيو ته سنڌ جي ٽقافت هزارين سال قديم آھي اسانکي ٽقافت سان گڏ تعليم تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سڀاڻي رزاق آباد کان تاريخي ماڳ چوڪنڊي تائين ٽقافتي ريلي ۽ راڳ رنگ جو پروگرام رکيو ويو آھي تقريب کي ڊي اي او سيڪنڊري ملير امتياز انڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
موهن جو دڙو ۾ فيسٽيول: ڊرامو پيش: ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا ويا
اقوام متحدهه جي يو اين ۽ جاپاني عوام جي تعاون سان ملڪ جي 16 شهرن ۾ عورتن تي تشدد ۽ کين معاشي طور پيرن تي بيهارڻ واري مهم جي سلسلي ۾ موهن جو دڙو تي هڪ ڏينهن واري تقريب منعقد ڪئي وئي
فيسٽيول ۾ سريلنڪا کان رمضاني شرميلا رسول ۽ ناروي سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري عذرا ڪورٽو وِڪ موهن جو دڙو پهچي فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيون، فيسٽيول ۾ 15 مختلف ثقافتي شين جا اسٽال به لڳايا ويا، جڏھن ته اسٽيج ڊامو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي وڏي پوليس نفري سيڪيورٽي طور مقرر ڪئي وئي هئي
ڀٽ شاهه واسين پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن
ڀٽائي خاندان جي فردن، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائڻ جو وچن ڪيو ويو ۽ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي لاءِ تياريون به شروع ڪيون ويون آهن
پيرآف ڀٽ شاھ سيد غلام رضا شاھ لطيفي ، سيد اديب الحسن شاھ لطيفي ، ڪائونسلر سيد رضا رضوي، مخدوم هائوس اڳواڻن فقير حسين علي جعفري، شير خان ڏاهري ، وسيم احمد ٻگهيو، ثقافت کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر غلام مجتبا جوکيو، نثار احمد شيخ ، حيدر بخش وساڻ، رئيس عطا محمد شاهاڻي ۽ ٻين پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي سنڌ جو ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان سان ملهائڻ جون ڀرپور تياريون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ٽوپي اجرڪن جي خريداري جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي هنن چيو ته 3 ڊسمبر تي ايڪتا ريلي جي صورت ۾ ٽوپي، پٽڪي ۽ اجرڪ سان ثقافتي عيد درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي ملهائيندا سين،