ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ صحت کاتي جي ورٽيڪل پروگرامن لاءِ اربين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود پرڳڻي ۾ خطرناڪ بيماريون ڦهلجڻ لڳيون ، بيمارين کي روڪڻ لاءِ ايڊز کان بچاءُ وارو پروگرام مڪمل طور تي غيرفعال بڻجي ويو، هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي / ايڊز جا2531 ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف، 135 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ايڇ آ وي ايڊز جي مريضن سڀ کان انگ مردن ۾ ظاهر، هڪ هزار 313 مرد، 615 عورتون، 227 کدڙا فقير، 220 ٻارڙا ۽ 156 ٻارڙين ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي سرڪاري سطح تي تصديق، ”پنهنجي اخبار“ صحت کاتي جي رپورٽ هٿ ڪري ورتي. رپورٽ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي حياتي وڃائيندڙ مرض بابت خطرناڪ انڪشاف ٿيا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ صحت کاتي جي ورٽيڪل پروگرامن جي ساليانو اربين روپيا بجيٽ مختص هجڻ باوجود خطرناڪ بيمارين جي روڪٿام لاءِ قائم ڪيل ادارا مڪمل طور تي غير فعال بڻجي ويا آهن. ان ڏس ۾ صحت کاتي جي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته جنوري 2024 ع کان آڪٽوبر تائين رڳو 10 مهينن ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ايڇ آءِ وي /ايڊز جا مجموعي طور تي 2531 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ايڇ آءِ وي /ايڊز کي روڪڻ لاءِ قائم ڪيل اداري پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته 10 مهينن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ ايڇ آءِ وي /ايڊز جا 635، بدين ۾ 38، لاڙڪاڻي ۾ 173، دادو ۾ 71، گهوٽڪي ۾ 24، حيدرآباد ۾304، جيڪب آباد ۾ 112، قمبر ۾ 70، ڄامشوري ۾ 68، مٽياري ۾ 28، ميرپورخاص ۾ 132، نوشهري فيروز ۾84، سانگهڙ ۾ 42، شهيدبينظير آباد ۾ 104، شڪارپور ۾ 112، سجاول ۾ 7، سکر ۾ 67، ٽنڊي الهيار 26 ، ٽنڊو محمد خان ۾ 10، ٿرپارڪر ۾ 11، عمرڪوٽ ۾ 5 ۽ ٺٽي ۾ 29 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊز متاثرن ۾ 1313 مرد، 615 عورتون ۽ 227 کدڙا فقير شامل آهن. هلندڙ سال 220 ٻارڙا ۽ 156 ٻارڙيون به ايڊز جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿيون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 10 مهينن دوران ايڇ آءِ وي/ ايڊز سبب 135 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جن ۾ 78 مرد، 20 عورتون، 2 کدڙا فقير، 11 ٻارڙا ۽ 24 ٻارڙيون شامل آهن.
سنڌ ۾ مليريا ۾ مبتلا مريضن جو انگ پوڻا 3 لک کان وڌي ويو
ڪراچي: سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي به تباهي مچائي ڇڏي، مليريا ڪيسن بابت صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ سال جنوري مهيني کان 22 نومبر تائين صوبي جي سمورن ضلعن ۾ مليريا جا مجموعي طور تي 2 لک 83 هزار 464 ڪيس ظاهر ٿيا رپورٽ موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا هڪ لک 34 هزار 45، سکر ڊويزن ۾ 19 هزار 778، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 66 هزار 463، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 36 هزار 615، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 24 هزار 377 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 2 هزار 186 ڪيس پهتا، جڏهن ته هلندڙ سال دوران صوبي ۾ ڊينگي وائرس جي2352 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.
ايڇ آءِ وي ۾ ورتل مريضن جي موت جي شرح ۾گھٽتائي: متاثرن جو انگ گذريل سال برابر
ڪراچي: ايڇ آءِ وي /ايڊز ۾ ورتل مريضن جي موت جي شرح ۾گھٽتائي ، ڪيسن جي شرح لڳ ڀڳ ساڳئي ظاهر ٿي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ايڇ اءِ وي /ايڊز جا گذريل سال دوران 3045 ڪيس ظاهر ٿيا هئا. جڏهن ته هيل 10 مهينن دوران اهو انگ 2531 تي پهچي چُڪو آهي. گذريل سال 2023ع ۾ ايڇ آءِ وي /ايڊز سبب 277 مريض فوت ٿيا هئا، جن ۾ هيل گھٽتائي آئي آهي، سرڪار پاران سال جي 10 مهينن دوران ايڇ آءِ وي /ايڊز سبب 135 مريضن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.