ڪراچي/ حيدر آباد / سکر ( نمائندن وٽان ) ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ ۽ عدالت پاران ٻيهر 8 ڊسمبر تي ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر وٺڻ جي  حڪم کان پوءِ آءِ بي اي سينٽر سکر پاران سڄي سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر  ورتو ويو، سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به عدالتي حڪم تي سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس جي انتظام هيٺ سنڌ جي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجن ۾ نئين سال جي داخلا جي سلسلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو سان سلهاڙيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 250، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي 100 ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 50 سيٽن تي نئين سال جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ شهر جي وڳڻ روڊ تي قائم پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اميدوارن شرڪت ڪئي. انٽري ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي سينٽر ۾ داخلا جو وقت صبح ساڍي 8 وڳي کان شروع ٿيو جيڪو ساڍي 10 هين وڳي جاري رهيو، جنهن کان پوءِ ايم ڊي ڪيٽ انٽري ٽيسٽ جي شروعات ڪئي وئي جيڪا ساڍن 3 ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. هوڏانهن انٽري ٽيسٽ دوران ڪاپي کي روڪڻ لاءِ گهرو کاتي طرفان لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سمورن امتحاني سينٽرن جي چئوطرف قلم 144 لاڳو ڪندي سينٽرن ۾ موبائيل جيمرز لڳايا ويا. گڏوگڏ امتحاني سينٽر ۾ موبائيل فون، ڪلڪيوليٽر، ڪتابن، نوٽ هارڊ بورڊ، بيگ، اليڪٽرانڪس ڊوائيس، سمارٽ فونز، واچ، هيڊفون، بليو ٽوٿ ڊوائيس کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.ڄامشورو جي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ 6254 اميدوار پري انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ عورت اميدوارن جو وڏو انگ شامل هو. ٽيسٽ مقرر وقت کان 2 ڪلاڪ دير سان 12 وڳي شروع ٿي ۽ 4 وڳي ختم ٿي، انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي اڻ پورا انتظام هجڻ ڪري اميدوار توڙي والدين سخت پريشان رهيا، ان موقعي تي آئي بي سکر جي وائس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ،حيدرآباد جي ڪمشنر بلال احمد ميمڻ،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر قادري، ڊي ايڇ او ڄامشورو امام الدين کوسو، رجسٽرار مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، ايس ايس پي ڄامشورو سوڌو ٻين لاڳاپيل عملدارن دورو ڪري ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو پبلڪ اسڪول سکر جي سينٽر ۾ 5586 اميدوار ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏني آهي. ورتل جائزي موجب آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس پاران ساڍي اٺين وڳي چيڪنگ وارو مرحلو ۽ 9 وڳي پيپر شروع ٿيڻ متعلق اميدوارن کي آگاهي ڏني وئي هئي، پر ٽيسٽ 12 وڳي شروع ٿي جيڪا ساڍي ٽي وڳي ختم ٿي. اِن حوالي سان ايس ٽي ايس انتظاميا موجب تمام گهڻي رش هجڻ، اميدوارن جي ڪاغذن جي تصديق ۽ ٽيسٽ کان اهل اميدوار جي رهجي نه وڃڻ جي خدشي سبب ٽيسٽ ۾ دير ڪئي وئي. سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، سکر واري سينٽر ۾ 60 جي لڳ ڀڳ سي سي ٽي وي ڪئمرائن لڳايون ويون هيون، موبائيل فون، ڪلڪيوليٽر، گهڙي سميت ٻيو سامان سينٽر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي.